313

نوابشاهه واسي جوڙي پيار پرڻو ڪري ڇڏيو، مائٽن جي ڊپ کان دربدري واري زندگي گهارڻ تي مجبور، تحفظ جي اپيل

نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه جي ڳوٺ جان محمد زرداري جي رهواسي عبدالڪريم زرداي ولد اڪبر زرداري ۽ ڳوٺ الهه رکيو ڪانهيو جي  رهواسڻ مسمات انسا ڪانهيو ڌيءَ ڪمال الدين ڪانهيو پيار جو پرڻو ڪرڻ بعد تحفظ جي اپيل ڪئي آهي. هنن ٻڌايو ته سندن جان کي خطرو آهي. نوابشاهه جي ڳوٺ الهه رکيو ڪانهيو جي رهواسڻ  مسمات انسا ڪانهيو ڌيءَ ڪمال الدين ڪانهيو ميڊيا سان گفتگو ڪندي چيو آهي  ته منهنجي مائٽن منهنجي مرضي بنا شادي ڪرائڻ پئي چاهي، جنهن سبب آئون پنهنجو قانوني ۽ شرعي حق استعمال ڪندي نوابشاهه جي ڳوٺ جان محمد زرداريجي رهواسي عبدالڪريم زرداي ولد اڪبر زرداري سان شريعت محمدي موجب نڪاح ڪيو آهي، هاڻي منهنجا مائٽ والد  ڪمال الدين ڪانهيو، نذير ڪانهيو ، اصغر ڪانهيو ، شبير حسين ڪانهيو ، عابد ڪانهيو ۽ الهه رکيو ڪانهيو مون کي ۽ منهنجي مڙس عبدالڪريم زرداري ۽ منهنجي مڙس جي مائٽن ۽ ٻين واسطيدارن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، منهنجي مائٽن ۽ انهن جي واسطيدارن مان اسان کي خطرو آهي، اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو