لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪاره مهربانو جو انسٽاگرام اڪائونٽ پراسرار طور بند ٿي ويو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ عورت مارچ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي اداڪاره مهربانو جي هڪ پراڻي وڊيو وائرل ٿي هئي، جنهن کي هن سال ٿيندڙ عورت مارچ سان لاڳاپيل ڏيکاريو ويو. سوشل ميڊيا تي مهربانو کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پئي ويو ۽ اهڙي صورتحال کانپوءِ مهربانو جو انسٽاگرام اڪائونٽ اوچتو ڊي ايڪٽيويٽ يعني بند ٿي ويو. مهربانو جي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ لک کان وڌيڪ فالوورز هئا، مهربانو جو اڪائونٽ بند ٿيڻ بابت ڪوبه ڪارڻ يا بيان سامهون ناهي آيو.
267