ڪوٽ لالو(ن سوڀ) 2 مهينا اڳ پڪاچانگ مان اغوا ٿيل 5 ڪلاس جي شاگردياڻي کي ڪوٽ لالو پوليس ٺٽي مان بازياب ڪرائي ورتو آهي. ڳجھي اطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او ڪوٽ لالو محي دين ڪلوڙ ڪارروائي ڪري نينگري کي ٺٽي مان بازياب ڪرائي ورتو آهي. ان سلسلي ۾ نينگري مناحل چانگ ٻڌايو ته ٻه مهينا اڳ عرس چانڊيو، محمد رمضان چانڊيو ۽ جاويد سولنگي اغوا ڪري کڻي ويا. نينگري ٻڌايو ته جوابدار اغوا ڪرڻ بعد نشو ڏئي ٺٽو ۾ رهايو، بعد ۾ ڪجھه ڏينهن ڪراچي ۾ کڻي هڪ جاءِ تي قيد ڪري ڇڏيو هو ۽ قيد دوران جوابدار مسلسل جنسي زيادتي ڪندا هئا. نينگري ٻڌايو ته جوابدار سخت تشدد ڪندا هئا۽ چوندا هئا ته مائٽن خلاف بيان ڏي نه ته توکي ماري ڇڏينداسين. هن مطالبو ڪيو آهي ته مون سان ظلم ٿيو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي.
227