261

ملڪ ۾ سون جي في تولي واري اگهه ۾ 2550 رپيا واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)  ملڪ ۾ سون جي في تولي واري اگهه ۾ 2550 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي. سنڌ صرافا بازار جيولرز ايسوسيئيشن مطابق سون جي في تولو قيمت 2550 رپين جي واڌ سان هڪ لک 7 هزار رپيا ٿي وئي آهي. 10 گرام سون جي اگهه ۾ 2185 رپين جي واڌ سان 91 هزار 735 رپيا آهي، جڏهن ته عالمي بازار ۾ سون جي قدر ۾ 23 ڊالر واڌ سان 1727 ڊالر في اونس آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو