197

پيٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان، اوگرا پاران سمري رواني

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ ردوبدل واري سمري پيٽروليم ڊويزن کي اماڻي ڇڏي آهي. ذريعن مطابق هاڻوڪي ليوي جي بنياد تي پيٽرول ساڍا 5 رپيا مهانگو ٿي سگهي ٿو ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ پوڻا 6 رپيا واڌ جو امڪان آهي. ذريعن ٻڌايو ته هن وقت پيٽرول جي في ليٽر تي ليوي جي هاڻوڪي شرح 12 رپيا 65 پئسا ۽ في ليٽر ڊيزل تي ليوي جي هاڻوڪي شرح 12 رپيا 53 پئسا آهي. ذريعن مطابق اوگرا جي سمري تي حتمي فيصلو وزيراعظم عمران خان ناڻي واري وزارت سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو