اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪلور جاري آهن، وائرس سبب وڌيڪ 32 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جڏهن ته 2664 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 40 هزار 564 ڪورونا جون ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن دوران 2664 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته وبا وگهي وڌيڪ 32 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. سرڪاري پورٽل مطابق ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 6.5 سيڪڙو رهي، جڏهن ته ملڪ ۾ مجموعي فوتگين جو انگ 13508 ٿي چڪو آهي، مجموعي ڪيس 6 لک 5200 تائين پهتا، جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 21121 آهي. ٻئي پاسي ڪورونا وائرس ۾ آيل تيزيءَ کي نظر ۾ رکندي قومي اسيمبليءَ جون سموريون سرگرميون جزوي طور معطل ڪيون ويون آهن. قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ جي شعبي جي انتظاميا پاران هڪ پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي. پڌرائي مطابق ڪورونا جي امڪاني پکيڙ کي روڪڻ لاءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جون آفيسون ٻن ڏينهن لاءِ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽين، پبلڪ اڪائونٽس ۽ خاص ڪميٽين جا سمورا اجلاس ملتوي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي آفيس کي 16 مارچ تائين بند رکيو ويندو. پڌرائي مطابق سي ڊي اي کي جراثيم مار دوائن سان سمورين آفيسن کي صاف ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ عملي کي به ڪورونا وائرس جون علامتون ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ ترت ٽيسٽون ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 17 مارچ کان لاڳاپيل آفيسرن ۽ ضروري اسٽاف کي آفيس سڏائينداسين ۽ 17 مارچ کان آفيس جو وقت صبح 10 وڳي کان شام 4 وڳي تائين هوندو، جڏهن ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ داخلا لاءِ ماسڪ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. هوڏانهن ڪورونا ڪيسن ۾ تيزي کانپوءِ آزاد ڪشمير جي ضلعي ڪوٽلي ۾ مڪمل لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ ان حوالي سان باضابطا نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن مطابق سمورا تعليمي ادارا 15 مارچ کان 28 مارچ تائين مڪمل بند رهندا، ضلعي کان ٻاهر ايندڙ ويندڙ ٽرانسپورٽ بند رهندي، راندين جي سمورين سرگرمين سميت ضلعي ۾ هر طرح جي مذهبي ميڙن تي پابندي لاڳو هوندي.
158