261

سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر کي منهن ڏيڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر کي منهن ڏيڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ جي صحت کاتي سڄي سنڌ جي لاڳاپيل آفيسرن کان ضلعي اسپتالن ۽ صحت مرڪزن مان بسترن جا انگ اکر طلب ڪري ورتا آهن، معلوم ٿيو آهي ته ڪووڊ 19 جي ٽئين لهر ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي پئي وڃي ته پاڪستان ۾ هي وائرس برطانيا جو آهي يا ڏکڻ آفريڪا جو. هن وقت برطانيا ۽ ڏکڻ آفريڪا سميت مختلف ملڪن کان آيل پاڪستانين مان جن کي ڪووڊ 19 جون علامتون ظاهر ٿيون آهن انهن مريضن جا نمونا اين آءِ ايڇ اسلام آباد اماڻيا ويا آهن، جنهن جي رپورٽ اڱاري تائين جاري ڪئي ويندي.سنڌ جي صحت کاتي مطابق سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ 19 جي ٽئين لهر ۾ تيزي اچي وئي آهي، عوام احتياط ڪري، ٻي صورت ۾ نقصانڪار نتيجا نڪرندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو