239

لاهور ڀرسان گهر ۾ ڪم ڏيارڻ بهاني عورت سان اجتماعي زيادتي، جوابدار گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي نشتر ڪالوني ۾ جوابدارن گهر ۾ ڪم ڏيارڻ بهاني عورت کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو آهي. پاڪپتن جي رهواسي عمران جي زال پنهنجي پٽ سان گڏ ڊفينس ۾ لالڪ جان چوڪ تي بيٺل هئي، جوابدار زوهيب کيس گهر ۾ ڪم ڏيارڻ بهاني بينڪرز سوسائٽي جي هڪ گهر ۾ وٺي ويو، جتي زوهيب ۽ سندن ساٿين معظم سجاد، عثمان ۽ ڪليم الله عمران تي چوري جو الزام لڳائيندي عورت کي زيادتي جو نشانو بڻايو. ايس ايڇ او نشتر ڪالوني اسد عباس متاثر عورت جي مڙس عمران جي درخواست تي ڪيس داخل ڪندي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي دوران سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو