ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي انتظاميا آن لائن بينڪ چالان جنريشن سسٽم متعارف ڪرائي ڇڏيو آھي. جنھن بعد پاس، مارڪ ۽ ڊگري سرٽيفڪيٽن جي حاصلات انتھائي آسان بڻجي ويو آھي. نئين نظام سان شاگرد ڊجيٽل چالان گھر ويٺي ڊائون لوڊ ڪري ملڪ ۾ ڪٿي به لاڳاپيل بينڪ ۾ جمع ڪرائي سگھندا، گھربل في جمع ڪرائڻ بعد ھو ھڪ ڏينھن اندر پنھنجا سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگھندا. سالياني امتحانن جي ڪنٽرولر پروفيسر ڊاڪٽر سراج الحق ڪانڌڙو موجب سندس آفيس يونيورسٽي جي انفارميشن ٽيڪنالاجي سروسز سينٽر سان گڏجي آن لائن بينڪ چالان جنريشن سسٽم کي صرف ان لاءِ تيار ڪيو آھي ته شاگردن توڙي شاگردياڻين کي سھولت ڏئي سگھجي ۽ نظام کي به شفاف بڻائي سگھجي. ھن چيو ته حبيب بئنڪ جي ڪنھن به برانچ ۾ في جمع ڪرائڻ بعد اميدوار سندس آفيس ٻاھران موجود بينڪ چالان جمع ڪرائڻ واري ڪائونٽر تي جمع ڪرائيندا، جنھن بعد جلد کان جلد کين لاڳاپيل سرٽيفڪيٽ ملي ويندا. ھن چيو ته سومر کان ھٿ سان ڀرجندڙ بينڪ چالان قابل قبول نه ھوندا. ڊجيٽل چالان يونيورسٽي جي ويب سائيٽ www.annual.usindh.edu.pk تان ڊائون لوڊ ڪري سگھجن ٿا.
293