255

حڪومت جو سنڌ کي سرسبز بڻائڻ جو نظريو ۽ شهري ٻيلن جو قيام

ليکڪ: سيد آفتاب بخاري

وڻ ٽڻ، ٻوٽا ۽ ساوڪ نه رُڳو ماحولياتي ۽ قدرتي خوبصورتيءَ ۾ اضافو ڪن ٿا پر اُهي انساني اکين کي راحت ڏيڻ سان گڏوگڏ پرسڪون ۽ صاف سٿرو ماحول پيدا ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿين ٿا، اهڙي ريت وڻ، ٻوٽا ۽ ٻيلا گرمي پد ۾ گهٽتائي، مينهن جي وسڪاري ۽ ماحول کي گدلاڻ کان پاڪ بڻائڻ لاءِ هڪ هٿيار جو ڪم ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ حڪومت پاران  جتي ٻهراڙي ۽ ڪچي جي علائقن ۾ موجود ٻيلن ۽ وڻن کي محفوظ ڪرڻ توڙي ٻيلا وڌائڻ جو ڪم جاري آهي اُتي ئي سرڪار پاران شهرن اندر يا ويجهو شهري ٻيلا (Urban Forest) لڳائڻ جو رٿيو ويو آهي، شروعاتي طور سنڌ حڪومت گاديءَ واري شهر ڪراچي ۾ اربن فاريسٽ جي قيام کانپوءِ سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شهر ۽ واپاري حب سکر ۾ پيپلز اربن فاريسٽ جي نالي سان شهري ٻيلي جو بنياد وجهي ڇڏيو آهي، جنهن جو باضابطه افتتاح سنڌ جي ٻيلي کاتي، اطلاعات، مڪاني ادارن ۽ مذهبي معاملن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه پنهنجي هٿن سان ربن ڪاٽيندي ۽ نم جو ٻوٽو پوکيندي ڪري ڇڏيو آهي. سکر جي خوبصورتي ۽ تاريخي حيثيت ڪنهن کان ڳجهي ناهي، هي شهر سنڌو درياهه جي ڪپ تي واقع آهي ۽ ساڄي پاسي کان نڪرندڙ واهن جي ڪناري سالن کان قائم حددخليون هٽائڻ کانپوءِ اُن علائقي کي حڪومت پاران شهري ٻيلي لاءِ ڊڪليئر ڪيو ويو ته جيئن اتي ٻيهر حددخليون نه ٿي سگهن ۽ وڻ لڳائڻ سان شهرين کي سٺو ماحول ۽ سُڪون جو ساهه کڻڻ لاءِ آڪسيجن مهيا ٿي سگهي، ڪنهن ڏاهي چواڻي ته جهڙي ريت گرڊ اسٽيشن بجلي جي فراهمي ڏيندي آهي اهڙي ريت وڻ ٽڻ ۽ ٻيلا انسانن سميت هر جيوت کي آڪسيجن جي فراهميءَ جو ڪم ڪندا آهن، سٽي پوائنٽ ۽ سٽي باءِ پاس گهڻي ڀاڱي شهر جي مرڪز ۾ اچن ٿا اُن ڪري دادو ۽ رائيس ڪئنالن جي ڪپن تي شهري ٻيلو لڳائڻ شهر جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو ڪرڻ کان گهٽ نه آهي، جنهن کي شهرين پاران پڻ ساراهيو پيو وڃي. سکر جي شهري ٻيلي جي باضابطه افتتاح جي موقعي تي هڪ آگاهي تقريب پڻ ٿي جنهن جو مهمان خاص صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه هو. چيف ڪنزرويٽر ڊاڪٽر جاويد قاضي جي مختصر بريفنگ ۾ سکر جي شهري ٻيلي ۾ املتاس جا وڻ پوکڻ جي ڳالهه مُنهنجي دل کي ڇُهي وئي ۽ مهان ڪوي ۽ شاعر شيخ اياز جي سِٽ ”ٿي املتاس تان ڪُوڪ ڪوئل ڪري، هو پري آ پري آ پري آ پري“ ياد اچي وئي، اها حقيقت آهي ته شاعر معاشري جا بهترين عڪاس هوندا آهن، جن پڻ قدرتي خوبصورتي ۽ ماحول کي سهڻو بڻائيندڙ وڻن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪيو آهي، هونئن به املتاس جهڙا وڻ گهٽبا پيا وڃن اهڙين جنسن کي وڌائڻ ۽ حفاظت جي ضرورت شدت سان محسوس ڪئي پئي وڃي. چيف ڪنزرويٽر جاويد قاضي جو چوڻ هو ته 4.2 ڪلوميٽرس ڊگهي ۽ 110 ايڪڙ پکيڙ واري زمين تي هڪ لک کان وڌيڪ ٻوٽا پوکيا ويا آهن جن ۾ املتاس، نِم، سُک چين، پِپل، سُهانجڙو، ٽاري، انجير، گُلِ نشتر، سُمبل ۽ تُوت سميت 32 جنسون شامل آهن. سکر اربن فاريسٽ پروجيڪٽ مختصر بجيٽ 9.16 ملين جي لاڳت سان پورو ٿيو، مستقبل ۾ ان شهري ٻيلي ۾ واڪنگ ٽريڪ، سائيڪلنگ ٽريڪ، سٽنگ ايريا لاج، هٽس ۽ لان تعمير ڪرڻ سميت 272 سولر لائيٽس لڳائڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي، هڪ اسٽيئرنگ ڪميٽي پڻ ٺاهي ويندي، جنهن ۾ ڪمشنر سکر ڊويزن، ڊپٽي ڪمشنر، ميونسپل ڪارپوريشن جو ايڊمنسٽريٽر/ميئر سميت ٻين لاڳاپيل ادارن جا نمائندا شامل ڪيا ويندا، جڏهن ته اربن فاريسٽ فنڊ قائم ڪيو ويندو، اهڙي ريت هن علائقي جي بهتري ۽ تحفظ لاءِ آئوٽ سورس پڻ ڪري سگهجي ٿو. تقريب ۾ خطاب دوران سنڌ جي اطلاعات، بلديات، ٻيلي کاتي ۽ مذهبي معاملن بابت وزير سيد ناصر حسين شاهه ٻوٽن کي پاڻي جي فراهمي لاءِ سولر سسٽم هڻائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته شهري ٻيلي جي تحفظ ۽ سهولتن لاءِ سنڌ حڪومت ۽ پنهنجي پاران ڀرپور فنڊ جاري ڪيا ويندا. سرندي وارا، ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا اڳتي اچن ۽ هن پهرئين شهري  ٻيلي جي مالڪي ۽ تحفظ ڪن، ٻيلن سان انساني صحت ۽ ماحول ۾ انقلابي تبديلي اچي ويندي. سندس چوڻ هو ته اربن فاريسٽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو جو نظريو آهي، جنهن کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي اڳواڻي ۾ سڄي ڪابينا ۽ مشينري محنت ڪري رهي آهي ۽ ڪراچيءَ کانپوءِ سکر ۾ اربن فاريسٽ جو افتتاح سٺو سنئوڻ آهي، هتان جا ٻيلي کاتي جا عملدار، ملازم، ضلعي انتظاميا ۽ اڳوڻو ميئر جس لهڻن جن خالي هٿين ۽ بغير تياريءَ جي ڪم شروع ڪيو، ڇاڪاڻ ته ڪئنالن تان حددخليون هٽائڻ کانپوءِ ٻيهر قبضن جو خدشو هو، ان ڪري فوري طور تي اربن فاريسٽ ڊڪليئر ڪيو ويو ۽ هتي تمام ٿوري بجيٽ ۾ ڪم ڪيو ويو. هن ٻيلي جي تحفظ ۽ ترقي لاءِ باقاعده هڪ وڌيڪ اسڪيم ٺاهي ويندي، ميونسپل ڪارپوريشن سکر کي هن جي مالڪي وٺڻ گهرجي، ٻوٽا انساني صحت ۽ ماحول کي بهتر بڻائڻ ۾ وڏو ڪرداد ادا ڪن ٿا، سمورن مڪاني ادارن کي پڻ وڌ کان وڌ ٻوٽا پوکڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. يوسي سطح تي شروع ٿيندڙ وڻڪاري جي مالڪي لاءِ ڀرپور مانيٽرنگ ڪئي ويندي، جنهن ۾ انتظاميا، سول سوسائٽي، مقامي ماڻهن ۽ ميڊيا کي به شامل ڪيو ويندو. ٻيلي کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سرسبز سنڌ پروجيڪٽ جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته سرسبز سنڌ پروجيڪٽ 599.944 ملين جي لاڳت سان هلي رهيو آهي، جڏهن ته سرسبز پاڪستان پروجيڪٽ ۾ پڻ سنڌ حڪومت 3016.350 ملين حصو شامل ڪيو آهي. 15 مارچ تي حيدرآباد ۾ هڪ لک ٻوٽا پوکيا ويندا، شهري ٻيلن کي هٿي وٺرائي ويندي، اُميد ته پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هن پروگرام ۾ مهمان خاص طور شرڪت ڪندو ۽ ٻوٽا پوکيندو ۽ انشاءَ الله سڄي سنڌ کي سرسبز ۽ خوشحال بڻايو ويندو. تقريب جي ميزباني جا فرض ڪنزرويٽر فاريسٽ سليم وسطڙو نڀايا، جڏهن ته ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر، صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاهه جو فرزند سيد اڪبر شاهه ۽ ڊي ايف او ضياد الله لغاري سميت سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه 4.4 ڪلوميٽر ڊگهي شهري ٻيلي ۾ لڳل ٻوٽن ۽ وڻن جو معائنو ڪيو ۽ زيرو پوائنٽ ۽ سٽي پوائنٽ وٽ ٻوٽا پڻ پوکيا. سکر ۾ شهري ٻيلي جي باضابطا افتتاح کانپوءِ اُميد ڪئي پئي وڃي ته سنڌ حڪومت جو صوبي کي سرسبز بڻائڻ جو خواب ضرور ساڀيان طرف وڌندو ۽ هر طرف گل و گلزاري ۽ وڻ ٽڻ هوندا، جنهن سان ماحول ۽ شهرن جي خوبصورتي ۾ واڌارو اچڻ سان گڏوگڏ شهرين کي سولو ساهه کڻڻ لاءِ آڪسيجن جي فراهمي ٿيندي ۽ ماحولياتي گدلاڻ پڻ ختم ٿيندي، ان سان گڏوگڏ شهرين، سول سوسائٽي ۽ هر طبقي جي ماڻهن کي نماڻي گذارش ته اُهي ٻيلن، وڻن، ٻوٽن ۽ گلن جي حفاظت ۽ مالڪي ڪن ۽ وڻن جي واڍي توڙي گند ڪچرو اُڇلائڻ کان پاسو ڪن ته جيئن شهر ۽ ٻيلن جي خوبصورتي برقرار رهي سگهي ۽ سنڌ کي سرسبز بڻائڻ جي خواب کي ساڀيان ڏيارڻ واري حڪومتي نظريي خواب کي پورو ڪرڻ ۾ هٿ ونڊائي سگهجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو