236

عورتن کي همٿائڻ لاءِ مڃتا ايوارڊ جي شاندار تقريب

ليکڪ: قاضي جاويد سنائي

انسان فطري طور ان عمل تي خوش ٿيندو آهي ته ڪنهن به چڱي ڪم ڪرڻ تي کيس ساراهيو وڃي جنهن جا ٻه پاسا آهن هڪ اهو ته دنيا ۾ واهه واهه ٿئي ٻيو اهو ته کين ڏسي ٻين ۾ به ڪجهھ ڪرڻ جي ريس پيدا ٿئي، پر مان هن کي ٻئي صورتون گڏي ٽيون پاسو به ڏيندو آهيان، ساراھ سان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو اتساهه پيدا ٿيندو آهي ۽ وري ساراهه وڌي ڪنهن مڃتا ايوارڊ جي صورت ۾ ملي ته يقيني طور خوشيءَ جا ماپا وڌي وڃن ٿا ۽ اڄ جي ٻوسٽ واري ماحول ۾ خوشيون ورهائڻ جهڙو ڪر ناپيد ٿي چڪو آهي، اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن کي مڃتا ڏيڻ ڪنهن ڪمال کان گهٽ ناهي، اڄ جي مرداڻي سماج ۾ جتي عورتن کي ٻئي نمبر جو شهري تصور ڪيو وڃي ٿو اتي عورتن عملي طور ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته هُو عورتون ضرور آهن پر ڪنهن به حوالي سان پوئتي ناهن اخلاقيات جي دائري اندر رهي ڪري هُو سڀ ڪجهھ ڪري سگهن ٿيون، جيئن نامياري سماج سڌارڪ تبسم راشد کوسو چوندي آھي ته” شي ليڊس“ يعني اهي اڳواڻي ڪري سگهن ٿيون، اسان عورتن کي هيسايو نه بلڪه همٿايو وڃي اسان عورتن کي پنهنجين حدن ۽ حقن جي مڪمل ڄاڻ آهي جيڪڏھن ڪٿي ڪا عورت گُسي ٿي ته ان جو اثر هر عورت تي لاڳو نه هئڻ گهرجي . مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ عورتن کي مڃتا ايوارڊ ڏيڻ جو شاندار بندوبست  پيس ڪاليج ڪراچي ۾ ڪيو ويو جنهنجا انتظام ڪندڙ مان ايئن چوندس ته مها ڪردار آهن هڪ ” آئي ليڊس“ جو چيف ايگزيڪيٽو پريم ساگر ۽ ٻيو ” پڙهائو سبق“ جو چيف ايگزيڪيٽو عديل درويش، مڃتا ايوارڊ تقريب جي مهمان خاص ملڪ جي نامور دانشور مهتاب اڪبر راشدي هئي جڏھن ته پروفيسر ڊاڪٽر فرحان عيسيٰ عبدالله پڻ مهمان طور شريڪ ٿيا، هن شاندار تقريب ۾ جن محنتي عورتن کي سندن خدمتن عيوض ايوارڊ ڏنا ويا انهن ۾ فزيو لاجسٽ مهوش زرين ، آئي ٽي اسپيشلسٽ شاداب ، اسڪار پبلڪ پاليسي جي مريم منهاس ، سي پي ايل سي اينڊ يوٿ جي نورين جمال ، ڊائريڪٽر سمس اسڪول مجيد ڪيريو امداد فائونڊيشن سنڌ تبسم راشد کوسو ، هُما ڪرماڻي ، صبا عشرت صديقي ، صائمه عمران ، ثنا اياز ، زهره عمر ، ڊائريڪٽر ذيبسٽ وحيده مهيسر ، ڊائريڪٽر ايم آر سي بلوچستان سميرا محبوب ، چيف ايگزيڪيٽو پريٽي مي سلميٰ ميمڻ ، مشال پيچي . پرھه قاضي ۽ خالده ملاح شامل آهن، پريم ساگر ۽ عديل درويش جي هن خوبصورت محنت کي وري چار چنڊ لڳايا ادي زينب تبسم کوسو ۽ ادي هُما جبين جن پنهنجي منفرد انداز ۾ پروگرام جي ڪمپيئرنگ ڪري نه صرف مهمانن کي سلسليوار اسٽيج تي سڏائي کين ايوارڊ ڏياريا پر کانئن پروگرام بابت پڻ تاثرات ورتا، جنهن تي مهتاب اڪبر راشدي ڳالهائيندي چيو ته پهرين ته انهن نياڻين کي واڌايون جن پنهنجي محنت عيوض ايوراڊ ماڻيا آهن، ان کانپوءِ کيرون لهڻن آئي ليڊس جو پريم ساگر ۽ سبق پڙهائو جو عديل درويش جن ۾ حق سڃاڻڻ واري اک موجود آهي، جن سان ڏسي هنن ايوارڊن جي ورڇ ڪئي آهي ان موقعي تي ڊائريڪٽر سمس اسڪول تبسم راشد کوسو چيو ته کيس ٻيڻي خوشي ان ڪري به ٿي رهي آهي جو هتي مختلف وڏا وڏا ادارا ۽ وڏا وڏا نالا موجود آهن، انهن جي وچ ۾ هڪ ننڍي ڳوٺ جي تعليمي اداري سمس اسڪول جي حوالي سان ايوارڊ ملڻ وڏي ڳالهھ آهي هن چيو ته هر ماڻهو صرف عورت جي ترقي جي ڳالهھ ٿو ڪري پر سنائي سيد ان تي عمل پيرا آهن، سمس اسڪول جنهن جو مڪمل اسٽاف عورتن تي مشتمل آهي، جيڪي نه رڳو اسڪول هلائين ٿيون پر آفيشل ڪمن تي به مڪمل عبور رکن ٿيون. اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيو جڏهن امداد فائونڊيشن جي باني سيد ضيا شاھه ۽ سيد زين شاھه انهن جي مڪمل تحفظ ۽ انهن جي ترقي کي اولين ترجيح تي رکيو، بيشڪ هڪ درشهوار سيد نه پر ان جي پيروي ڪندي ڪيتريون ئي ٻيون درشهوار جنم وٺنديون ۽ تعليم جي روشني سان نه صرف هن علائقي کي پر سنڌ سموري کي منور ڪنديون. آخر ۾ پريم ساگر ۽ عديل درويش مهمانن جو ٿورو مڃيندي پنهنجن ارادن تي پختو رهي ان سلسلي کي اڃا وڌيڪ سگهارو ڪرڻ جو وچن ڪري زينب راشد کوسو ۽ ھما جبين کي پڻ اعزازي شيلڊون ڏنيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو