ليکڪ: سڪندر بوزدار
سنڌ پوليس سنڌ اندر ڪجهه سالن کان هاف ۽ فل فراءِ وارو فارمولو اختيار ڪندي سوين ماڻهن کي موت جي ننڍ سمهاري ڇڏيو آهي ۽ هزارين ماڻهن کي اپاهج بڻايو ويو آهي، ڏٺو وڃي ته ان فل ۽ هاف فراءِ ۾ ڏوهارين سان گڏ شريف ۽ بيگناهه شهري به نشانو بڻبا رهيا آهن، انهن مان اڪثر فل ۽ هاف فراءِ وارا ڪيس بااثرن جي چوڻ تي به ڪيا وڃن ٿا ۽ ذاتي دشمني پاڙڻ لاءِ پوليس کي غلط ڄاڻ ڏئي اهڙا واقعا ڪرايا وڃن ٿا، جنهن جو وڏو مثال ڪجهه سال اڳ حيدرآباد ۾ موجوده ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ جي ٽيم هٿان ڊاڪٽر ديپڪ راج کي هاف فراءِ ڪري معذور ڪرڻ وارو آهي. هونئن ته هر ماڻهو ڄاڻي ٿو ته پوليس ۽ ڏوهارين ۾ سڌا سنوان مقابلا ورلي ئي ٿيندا آهن، پوليس اڪثر ڪري پنهنجي طريقي سان ماڻهو گرفتار ڪري پنهنجي عدالت لڳائي ماڻهو ماري ٿي، تازو سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد عرفان جتوئي کي 10 فيبروري تي سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽل تان سڀني جي سامهون کنڀي سکر ۾ مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ويو، هونئن ته سڄي سنڌ ۾ پوليس گردي عروج تي آهي پر ڳڀرو عرفان جتوئي کي جعلي مقابلي ۾ ڏوهاري ڄاڻائي قتل ڪرڻ واري واقعي تي سڄي سنڌ ۾ پوليس مٿان سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي، ايس ايس پي سکر عرفان سمون شاگرد جي قتل کانپوءِ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ عرفان جتوئي کي ڏوهاري ڪري پيش ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، کڻي مفروضي طور ايس ايس پي جو موقف مڃي به وٺجي ته عرفان جوتئي ڏوهاري هو ته پوءِ به پوليس مٿان اهو فرض هو ته اها کيس گرفتار ڪرڻ کانپوءِ عدالت ۾ پيش ڪري ها، جڏهن پوليس جج بڻجي پاڻ فيصلا ڪندي ته پوءِ عدالتن جو هجڻ يا نه هجڻ ڪهڙي معنيٰ رکي ٿو، عرفان جتوئي واري معاملي تي اخبارون شاهد آهن ته کيس سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽل مان پوليس گرفتار ڪيو هو، هتي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته پوليس جيڪي عدالتن کان مٿانهان قتل ڪري ٿي ڇا اهي ڏوهه نه آهن؟ اهڙي معنيٰ ۾ به پوليس به قاتل ئي ظاهر ٿي، جڏهن ته پوليس جو نعرو “ ڏوهه کان نفرت ڪرڻ آهي، ڏوهاري کان نه“ گهوٽڪي ۽ سکر پوليس جي ڪارنامن ۽ اهڙن مقابلن تي نظر ڦيرائينداسين ته سڀ ڪجهه اکين جي آڏو اچي ويندو، پوليس جيڪي به شڪي مقابلا ڪيا آهن، آئون چاهيان ٿو ته انهن جي تاريخ هتي پڙهندڙن جي سامهون رکان.گذريل سال سکر پوليس جيڪي مقابلا ڪيا، ان وقت اهي ڳالهيون سامهون آيو هيون ته پوليس هاف ۽ فل فراءِ وارو فارمولو اختيار ڪندي ڏوهارين سان گڏ بيگناهه ماڻهن کي ونگار طور ماري ۽ معذور ڪري رهي آهي، 9 مارچ تي ڪنڌرا پوليس لنڪ روڊ تي مبينا مقابلي ۾ عبدالرزاق اوڳاهي نالي شخص کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو، پوليس ڄاڻايو هو ته جوابدار مٿان چوري، اغوا ۽ مقابلن جا ڪيس داخل آهن، ساڳي ئي نموني سان 16 مارچ تي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس واري تڙ روڊ وٽ مبينا مقابلي ۾ علي حسن عرف حسو شيخ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ٽي ٽي پسٽل هٿ اچڻ جي دعويٰ ڪندي ڄاڻايو هو ته جوابدار اغوا، ڦر ۽ قتل ڪيس ۾ گهربل هو، 17 مارچ تي سکر جي سائيٽ ٿاڻي جي پوليس گوليمار لنڪ روڊ تي مبينا مقابلي ۾ وقار نوحاڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪندي ڄاڻايو هو ته جوابدار گهريلو چورين، موٽرسائيڪل چورين ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث آهن، 15 مارچ تي ڪنڌرا پوليس لنڪ روڊ تي مبينا مقابلي ۾ نئين ديري واسي رياض ميمڻ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري دعويٰ ڪئي هئي ته چوري ۽ پوليس مقابلن ۾ ملوث آهي، 4 اپريل تي ايئرپور ٿاڻي جي پوليس بچاءَ بند ڀرسان مبينا مقابلي ۾ حضور بخش بنگلاڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو، ساڳي ئي رات جهانگڙو ٿاڻي جي حد ۾ الطاف بلو کي پڻ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي، 18 اپريل 2020ع تي پني عاقل جي بائجي ٿاڻي جي پوليس مبينا مقابلي دوران احمد علي عرف بخشو شيخ، 20 اپريل تي آباد ٿاڻي جي حد ڪنڊي واهه لنڪ روڊ وٽ احسان ڀٽي کي به زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، جڏهن ته 25 اپريل 2020ع تي رضا ڳوٺ پوليس ڪچي ۾ مبينا مقابلي دوران شبير شر کي فل فراءِ ڪيو هو، پوليس ڄاڻايل شخص کي واجو مصراڻي ٽولي جو ڌاڙيل ڄاڻايو هو، 26 اپريل 2020ع تي مبينا مقابلي دوران گهوٽڪي واسي لياقت مرڻاس کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري 2 عورتون بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، ڄاڻايل 9ڄڻن کي ڄنگهن ۾ ئي ساڳي ئي طريقي سان گوليون هنيون ويون، سوال اهو آهي ته ڇا مقابلن دوران رڳو ڄنگهن ۾ ئي گوليون لڳن ٿيون ۽ انهن سمورن مقابلن دوران هڪ به اهلڪار زخمي نه ٿيو، نه ئي وري ڪٿي ڪو پوليس موبائلن کي نقصان پهتو، اهڙن ڪارنامن تي سوال ضرور اٿن ٿا، اهو به سوال اٿي ٿو ته پوليس وٽ اهڙا ڪهڙا ماهر نشاني باز آهن، جيڪي پري کان رڳو ڄنگهن ۾ ئي گوڏي وٽ گوليون هڻندا آهن، گذريل سال 25 اپريل تي پني عاقل جي ڪچي ۾ مقابلو ڄاڻائي ماريل اوٻاوڙي واسي شبير شر جو پوليس ڪو به ڪرمنل رڪارڊ ظاهر نه ڪري سگهي هئي ۽ مقتول جي ڀاءُ سيشن جج گهوٽڪي وٽ درخواست به داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو هو ته دادلوءِ پوليس ڀاءُ کي گرفتار ڪري تشدد بعد قتل ڪيو، هوڏانهن لياقت مرڻاس وارو واقعو به ڪوڙو نڪتو هو ۽ ان مٿان فريادي بڻايل عورتون پڻ ڦري ويون هيون، جنهن کانپوءِ پوليس چڱا مڙس هٿ ڪري منٿ ميڙ قافلو وٺي ڏوهه جي معافي وٺي جان ڇڏائي هئي. 8 اپريل 2020ع تي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل احمد علي عرف بخشو شيخ جي اکين تي پٽي ٻڌل، هٿڪڙين ۽ زنجيرن سان جڪڙيل هو ۽ پوليس مقابلو ڄاڻائڻ باوجود ان جي اکين تان پٽيون ۽ هٿڪڙيون کولڻ به وسري وئي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيڪڏهن قانوني ۽ عدالتي پابندي باوجود اهڙا مقابلا ٿيندا رهيا ته بيگناهه ڳڀرو ائين قتل ٿيندا رهندا، ان ڪري سکر پوليس جي ڄاڻايل مقابلن جي جاچ ڪئي وڃي، ٻن سالن اندر مقابلن جي جاچ دوران اصل حقيقتون سامهون اچي وينديون.