ليکڪ: علي عاجز
اهو 10 فيبروري جو اڀاڳو ڏينهن ھو، آئون 9 وڳي اٿي ڪنهن دوست سان ملڻ آرٽس فيڪلٽي آيو هئس. ڪجهھ دير ويٺا هئاسين ته اداري ۾ شڪي ماڻھن جي معمول کان وڌيڪ چُرپر نظر آئي پئي، تان جو ڪجهھ وردي پوش ماڻھو هٿ ۾ هڪڙو پنو کنيو ۽ هڪڙي مولانا کي ساڻ ڪيو سماجيات جي شعبي ڏانهن هليا ويا، اسان اٿي ڪجهھ دير ۾ هاسٽل هليا آياسين. پيپرن سبب سي ايل تي رش هئي، منجهند جي ماني کائي آئون اسلامڪ پرسنل لا جو ڪتاب ۽ ڪجهھ اڇا پنا بيگ ۾ وجهي، پنهنجي دوست جي ايم ڏاهري سان گڏ بي ايم سي جي لائيبريري ڏانهن آياسين پئي ته رستي ۾ انگلش ڊپارٽمينٽ ڀرسان ٻه پوليس موبائيلون ڪجهھ سپاھي الرٽ پوزيشن ۾ بيٺيون هيون، هڪڙي اڇي رنگ جي ويگو گاڏي ڀرسان ڪجهھ سول ڊريس ۾ ماڻھو ۽ ايس ايڇ او نثار شاهه پڻ بيٺل هو، تن مان ڪجهھ ماڻھو موبائيل فون تي ڳالهائي رهيا ھئا، منهنجي دوست ڀوڳ واري انداز ۾ چيو ته ”ڀائو هي همراھه ڪنهن جي آجيان لاءِ بيٺا آهن“ مون وراڻيو ته پنهنجي لاءِ ناهن بيٺا باقي هوندا ڪنهن جي انتظار ۾، شام جو 4 وڳي ڌاري موبائيل کوليم ته ڪنهن دوست جو واٽس ايپ اسٽيٽس نظر آيو، ”سنڌ يونيورسٽي بوائز هاسٽل تي پوليس جي چڙھائي انٽرنيشل هاسٽل تان شاگرد عرفان جتوئي ٻين دوستن سميت کنڀجي ويو“ مون فوري طور تي دوستن سان رابطو ڪري تصديق ڪئي تنهن کانپوءِ اسٽيٽس لڳايو ته ڄامشوري جا ڪجهھ صحافي دوست رابطي ۾ آيا، رات جو اٺين وڳي لائبريري بند ٿي ته آئون هاسٽل تي هليو آيس، جيئن ئي انٽرنيشل هاسٽل تي پڳس ته ڪجهھ دوست امجد جتوئي جي روم ٻاهران بيٺل نظر آيا، ويجهو ويس ته اعجاز ملاح، زيب جتوئي، امر آڪاش ۽ هالار ياسين کان واقعي بابت تفصيل معلوم ڪري رهيا هئا، پريان ڪجهھ ماڻھو ۽ صبح فئڪلٽي ۾ ڏٺل مولانا هٿ ۾ هڪڙي ڊوائيز کنيو اورتي آيا پئي، هالار ياسين ٻڌايو ته ”انٽرنيشنل هاسٽل جي گيٽ تائين پوليس جون گاڏيون ۽ ويگو گاڏي آئي اهو مولوي اڳيان هو باقي پوليس پارٽي پويان هئي، روم نمبر 23 جو دروازو ناڪ ڪيائون، جيئن هڪڙي ڇوڪري دروازو کوليو ته هن کي گهلي ورانڊي ۾ آڻي مٿس تشدد ڪرڻ شروع ڪيائون، ڪجهھ ٻيا اهلڪار اندر ويا ۽ ٻين شاگردن تي تشدد ڪري کين گهليندا ويگو گاڏي تائين کڻي آيا ۽ پوءِ تيزي سان گاڏيون روانيون ٿي ويون“ آئون هنن کان ٿي جيئن واپس وريس ته گهاٽو انڌيرو ٿي چڪو هو، گيٽ تي لڳل بلب جي جهيڻي روشني جيستائين پڳي پئي ان حد تائين ڪجهھ نظر آيو پئي، آئون انتهائي آھستي هلندو آيس پئي ته سفيدي جي وڻ هيٺيان بيٺل ساڳيو شڪي مولوي هاسٽل جي جعمدار غلام نبي جوڻيجي کي چئي رهيو هو ته”آهي اتي ئي اڃان هن هاسٽل ۾ ئي“ ذريعن موجب هڪ شاگرد کي رات جو دير سان پڻ کنڀي ويا ھئا، رات جو اسان گڏجاڻي رکي ته جنهن ۾ مون اهو نقطو اٿاريو هو ته ”هاسٽل تي چڙھائي وي سي جي اجازت کانسواءِ ممڪن ڪونهي تنهن ڪري اسان کي هاسٽل تي چڙھائي خلاف احتجاج ڪرڻ گهرجي، پر سنگت ڪجهھ لاچاري ڏيکاري منهنجي ڳالهھ کي ڪجهھ ڪمزور دليلن سان رد ڪري ڇڏيو، ڏينهن گذرندا ويا ميڊيا ذريعي معلوم ٿيو ته پوليس طرفان ٻڌايو ويو آهي ته عرفان جتوئي ڏوهاري آهي، مٿس ڪيتريون ئي ايف آءِ آرز درج ٿيل آهن، ائين شاگرد ڌرين کان عرفان جتوئي جي ڳالهھ وسري وئي، 8 مارچ تي عورت آزادي مارچ جي قافلي ۾ آگنائيزرن پاران سماج جي هڪ ذميوار فرد جي ناتي مون کي پڻ دعوت ڏنل هئي. آئون رات جو دير سان جيڪب آباد مان نڪتس واپس ڄامشوري ايندي پنج ٿي ويا هئا، صبح جو ستين وڳي ڌاري ستس ته وري ڏهين وڳي ڪجهھ ڪم ڪار ڇڏائڻ لاءِ اٿيس منجهند جو ٻه وڳي ڌاري مارچ جي قافلي ۾ شريڪ هئس ته علي ابڙو اچي مليو هو هن ٻڌايو ته عرفان جتوئي کي پوليس مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو آهي، اها خبر مون لاءِ ڏاڊي خطرناڪ هئي، ڇا سنڌ پوليس کي اهو اختيار آهي ته اها رياست جي اندر رياست قائم ڪري، اهو سوال مسلسل منهنجي ذهن ۾ اڀرندو رهيو، مون ڪجهھ وقت اڳ اڪبر سومري جو ناول ”شھر جي ڳالهھ “ پڙهيو هو، جنهن جو مکيه ڪردار سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد علي ضياءُ الحق جي ظالماڻن ڏينهنن ۾ پوليس هٿان هاسٽل تان کنڀجڻ بعد اهڙي بي رحمي ۽ بي دردي سان قتل ڪيو وڃي ٿو جنهن کي به ڌاڙيل ڄاڻايو ويو هو. اڄ لڳ ڀڳ 40 ورهيه پوءِ ڊکڻ سان تعلق رکندڙ سنڌ يونيورسٽي ۾ سياست جي شعبي ۾ ايم اي ڪندڙ شاگرد عرفان جتوئي به ساڳئي طريقي سان قتل ڪيو وڃي ٿو، پوليس طرفان ساڳيو ئي گٺل پيٺل موقف اختيار ڪيو ويو آهي پر اسان جي شھيد شاگرد ساٿي جو کنڀو خون انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهي، سندس روح اڄ به رڙيون ڪري چئي رهيو آهي ته ڇا آئين جو آرٽيڪل (9) ختم ڪيو ويو آهي جيڪو چئي ٿو ته ”هر ڪنهن کي زندگي جو حق آهي ڪنهن جي به زندگي سواءِ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ جي ختم نه ٿي ڪري سگهجي ”ڇا پوليس کي اهو اختيار مليل آهي ته اها آئين کي اورنگهي قانون کان ڪو مٿانهون قدم کڻي؟ جي نه ته پوءِ ايس ايس پي عرفان سمي ۽ نثار شاھه نه فقط عرفان جتوئي کي قتل ڪيو آهي پر آئين کان مٿانهون قدم کنيو آهي تنهن ڪري هنن تي آرٽيڪل (6) تحت غداري جو ڪيس پڻ داخل ڪيو وڃي، گهڙي پل جي تصور ڪجي ته عرفان جتوئي ڏوهاري هو ته به پوليس کيس ٽي هفتا اڳ کنڀي وڃڻ بعد عدالت ۾ پيش ڇو نه ڪيو، تنهن ڪري اهو تاثر جُڙي ٿو ته عرفان جتوئي مٿان داخل ڪيس پڻ جڙتو آهن جيڪڏهن انهن ڪيسن ۾ دم هجي ها ته پوليس کيس ضرور عدالت ۾ پيش ڪري ها پر پوليس کي خبر هئي ته ڪوڙا ڪيس آهن تن مان هو آزاد ٿي ويندو ۽ سندس گرفتاري لاءِ مليل پيسا ڦٻائڻ جو وجهھ نه ملندو تنهن ڪري کيس ڌاڙيل ڄاڻائي جڙتو مقابلي ۾ قتل ڪرڻ ئي بهتر رهندو، ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي عرفان جتوئي وارن جو لاڙڪاڻي جي ڪمارين جي سردار سان پلاٽ جي معاملي تي تڪرار هلندڙ هو، جن سان تازو ئي منهن ماري پڻ ٿي هئي، جن پوليس کي رشوت ڏئي عرفان جتوئي جو قتل ڪرايو آھي بهرحال ڪجهھ به هجي عرفان جتوئي جي قتل جي عدالتي ڪميشن جوڙي صاف شفاف جاچ ڪرائي وڃي، ڇاڪاڻ ته هي فقط هڪ فرد جو قتل ڪونهي پر سنڌ يونيورسٽي جي تعليم، هزارين شاگردن جي مستقبل ۽ سنڌ جي قومي اڏاوت جو قتل آهي، هن قتل ۾ ايس ايس پي سکر عرفان سمون ۽ ايس ايڇ او نثار شاھه سميت ٻيا جيڪي به پس پرده ڳجھا هٿ ملوث هجن تن سڀني سان قانون موجب سلوڪ ڪري کين سزا ڏني وڃي، نامياري ناول نگار جيڪ لنڊن جي ٽڪري تي اڏيل اڇي گهر واليف هائوس کي انهي رات باهه ڏني وئي هئي جنهن صبح تي ان کي شفٽ ٿيڻو هو صبح جو جڏهن جيڪ اتي پهتو ته هن جي سامهون رک جا ڍير ئي پيل هئا جيڪ انهي تي جيڪي تاريخي لفظ چيا هئا انهن کي اڄ تائين ڪا به باھه ساڙي ناهي سگهي. هن چيو هو ته ”آئون تاريخ ۾ اهو شخص ٿيڻ پسند ڪندس جنهن پنهنجي هٿن سان سڙيل گهر جي رک ميڙي آهي اهو هرگز نه جنهن جي هٿن هن گهر کي باھ لڳائي آهي“.