224

کنڊ جي اگهن ۾ ٻيهر واڌ، ڪراچي ۾ في ڪلو 110 رپيا وڪامجڻ لڳي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ کنڊ جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ اچي وئي آهي. شماريات کاتي مطابق ڪراچي ۾ کنڊ سڀ کان وڌيڪ مهانگي ٿي وئي آهي ۽ سندس اگهه 110 رپيا في ڪلو تائين پهتو آهي، جڏهن ته ملڪ جي 6 شهرن ۾ کنڊ في ڪلو هڪ سئو رپيا وڪرو ٿي رهي آهي. شماريات کاتي مطابق اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ کنڊ 105 رپيا في ڪلو، ڪوئيٽا، بهاولپور، سيالڪوٽ، ملتان ۽ پشاور ۾ هڪ سئو رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي. جڏهن ته حيدرآباد ۾ 98 رپين کان هڪ سئو رپيا في ڪلو ۽ فيصل آباد ۾ 98 رپيا في ڪلو وڪامجي رهي آهي. ان کانسواءِ خضدار ۾ 97 رپيا، سرگوڌا ۾ 96 رپيا، سکر ۾ 98 رپيا، لاڙڪاڻي ۾ 95 رپيا ۽ بنون ۾ کنڊ 95 رپيا في ڪلو تائين وڪرو ڪئي پئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو