ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جو چوڻ آهي ته محبت جي معاملي ۾ کيس ماضي ۾ ٽن ڇوڪرين پاران رد ڪيو ويو آهي. عامر خان جي ڪرن رائو سان شادي کي 15 سالن کان وڌيڪ جو عرصو گذري چڪو آهي، جڏهن ته ماضي ۾ هڪ اهڙو وقت به گذري چڪو آهي جڏهن عامر خان محبت جي معاملي ۾ پاڻ کي بدنصيب تصور ڪري چڪو آهي. ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي عامر خان پنهنجي پهرين محبت بابت انڪشاف ڪندي چيو ته کيس جڏهن پهريون ڀيرو محبت ٿي هئي ته سندس عمر 10 يا 11 سال هئي، اها محبت خاموش ۽ هڪ طرفي هئي، هو هڪ ڇوڪري سان پيار ڪندو هو پر شرميلو هجڻ ڪري ملاقات ۾ به ان سان پنهنجي جذبن جو اظهار نه ڪري سگهيو. عامر خان چيو ته مون کي محبت جي معاملي ۾ ٽن ڇوڪرين پاران رد ڪيو ويو، ٽيون ڀيرو رد ٿيڻ کانپوءِ مون کي محسوس ٿيو ته محبت منهنجي لاءِ ناهي پر پوءِ مون کي هڪ اهڙي ڇوڪري ملي جنهن مون کي پسند ڪيو.
182