266

قازقستان ۾ فوجي جهاز سان حادثو، 4 ڄڻا فوت، 2 زخمي

قازقستان (ويب ڊيسڪ) قازقستان ۾ فوجي جهاز حادثي جو شڪار ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. رپورٽن مطابق قازقستان جي سڀ کان وڏي شهر الماتي ۾ هي واقعو پيش آيو، جتي جهاز لينڊنگ جي ڪوشش ڪئي ته حادثي جو شڪار ٿي ويو. حادثي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا. اختيارين موجب فوجي جهاز گادي واري هنڌ نور سلطان کان الماتي وڃي رهيو ته لينڊنگ دوران حادثي جو شڪار ٿي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو