183

پيپلز پارٽي ايم پي اي شيراعظم وزير جي گهر تي دهشتگرد حملي جي ڪوشش ناڪام

بنون (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه اسيمبلي ميمبر شير اعظم وزير جي گهر ٻاهريان رکيل بم ناڪارا بڻايو ويو آهي. رپورٽن مطابق قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بنون ۾ دهشتگردي جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي ۽ پيپلز پارٽي جي ايم پي اي شير اعظم وزير جي گهر ٻاهريان رکيل بم کي ناڪاره بڻايو. پوليس مطابق ايم پي اي شير اعظم وزير جي گهر ٻاهريان گيٽ وٽ 4 ڪلو گرام بم رکيو ويو هو، اهڙو اطلاع ملندي ئي بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ پوليس جي ٽيم پهتي ۽ ترت بم کي ناڪاره بڻايو ويو. پوليس مطابق وقت سر ڪارروائي جي ڪري ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو، سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ ثبوت گڏ ڪري رهيا آهيون، ملوث عنصرن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو