جينوا(ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس کان بچاءَ جي ويڪسين لڳرائيندڙ انسانن مان ڪنهن به انسان جو موت واقع نه ٿيو آهي. صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ 335 ملين کان وڌيڪ انسانن کي ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي آهي ۽ ويڪسين لڳرائڻ سبب ڪا به فوتگي نه ٿي آهي. هن چيو ته ڪيترن ئي ملڪن پاران آڪسفورڊ يونيورسٽي سان لڳاپيل آسٽرازينيڪا فرم جي ويڪسين جي استعمال کي روڪڻ بابت انهن کي ڄاڻ آهي ۽ ان ويڪسين تي تحقيق جو عمل جاري آهي.
218