237

سعودي هوائي فوج جو جٿو فوجي مشقن ۾ حصو وٺڻ لاءِ يونان پهچي ويو

يونان(ويب ڊيسڪ) سعودي رائل ايئر فورس جو فوجي جٿو هوائي مشن(آءِ آف دي فالڪن ون) ۾ حصو وٺڻ لاءِ يونان پهچي ويو آهي. ايف بي ويڙهاڪ جهاز پنهنجي هوائي، فني ۽ سپورٽ ڪريو سان گڏ پهچي چڪا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب سعودي ايئر فورس ۽ يوناني هوائي فوج جا جهاز روم سمنڊ ۾ گڏيل اڏامون ڪندا، سعودي رائل فورس جي يونان پهچڻ تي يونان ۾ سعودي جي سفير انهن جي آجيان ڪئي، مشقن جو مقصد هوائي ۽ ٽيڪنيڪل صلاحيتن ۽ سعودي رائل ايئر فورس جي تيارين کي بهتر بڻائڻ ۽ يونان جي هوائي فوج جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو