ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ڪورونا وائرس جي صورتحال بيان ڪندي چيو تھ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 232 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جڏھن تھ 39 مريض صحتياب ٿيا ۽ وڌيڪ 5 مريض لاڏاڻو ڪري ويا. ھن اھا ڳالھھ ڪوويڊ19 بابت وزيراعليٰ ھائوس مان جاري پنھنجي رپورٽ ۾ ڪئي. وڏي وزير تفصيل ٻڌائيندي چيو تھ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 8036 نمونن جي جاچ ڪئي وئي جنھن جي نتيجي ۾ 232 نوان ڪيس سامھون آيا آھن جيڪي تشخيص جي شرح جو 2.9 سيڪڙو آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ گذريل 24 ڪلاڪن دوران عالمي وباءَ ڪارڻ وڌيڪ 5 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا ۽ اھڙي ريت فوتگين جو گڏيل انگ 4458 ٿي ويو آھي جيڪو فوتگيءَ واري شرح 1.7 سيڪڙو ٿي وئي آھي. سيد مراد علي شاهه چيو ته ھن وقت تائين 3144249 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي جن مان 261410 ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. ھن چيو تھ اڄ وڌيڪ 39 مريض صحتياب ٿيا آھن اھڙي ريت صحتياب ماڻھن جو گڏيل انگ 252713 ٿي ويو آھي جيڪو بحاليءَ واري شرح جو 96.7 سيڪڙو آھي. وڏي وزير چيو ته هن وقت 4239 مريضن جو علاج هلندڙ آهي، جن مان3946 سندن گهرن اندر قرنطينا آهن، 9 آئيسوليشن سينٽرن ۽ 284 مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن. هن وڌيڪ چيو ته 255 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جن مان 40 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته 232 مان 87 نون ڪيسن ڪراچي شھر مان سامھون آيا آهن. ضلعوار انگ اکر ٻڌائيدي وڏي وزير چيو تھ حيدرآباد ۾ 27، اوڀر ڪراچي ۾ 24، دادو ۾ 21، ڏکڻ ڪراچيءَ ۾ 20، ميرپورخاص ۾ 19، جيڪب آباد ۾ 16، ڪورنگي ۾ 14، ٺٽي ۾ 13 وچ ڪراچيءَ ۾ 12، ملير ۾ 11، ٽنڊو الھيار ۾ 7، اولھھ ڪراچيءَ 6، ڄامشورو، مٽياري ۽ نوشھروفيروز ۾ 5-5، گھوٽڪي ۾ 4، لاڙڪاڻو ۽ قمبر ۾ 3-3، خيرپور ۽ نوابشاھھ ۾ 2-2، بدين، سکر ۽ عمرڪوٽ ۾ ھڪ ھڪ نئون ڪيس رپورٽ ٿيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي عوام تي زور ڀريندي چيو آھي تھ احتياطي اپائن کي اپنايو ۽ ڪوويڊ19 بابت جاري ايس او پيز جي عمل ڪيو وڃي.
290