اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي ڪورونا وبا خلاف گرين ريڪوري پلان ۽ ماحوليات ايڪشن پلان کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو پيو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان Three ways Pakistan is building جي نالي سان ورلڊ اڪنامڪ فورم جي لوگو سان گڏ هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ته پي ٽي آءِ جي ماحولياتي پاليسين خاص طور تي ڪورونا وبا خلاف گرين ريڪوري پروگرام ۽ ماحولياتي ايڪشن پلان کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو پيو وڃي.
