اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي وزيرن سينيٽر شبلي فراز ۽ چوڌري فواد حسين سينيٽ اليڪشن هارائڻ کانپوءِ ملڪ ۽ رياست خلاف بيان بازي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سياسي لاوارثن حڪومت خلاف مهم شروع ڪري ڇڏي آهي، الطاف حسين ۽ نواز شريف جي سياست هڪ جهڙي آهي، الطاف حسين بڻجڻندڙن کي ان جي انجام جي به خبر هجڻ گهرجي، قومي احتساب بيورو (نيب) خودمختيار ادارو آهي پر اسان ۽ پاڪستان جي عوام چاهي ٿي ته نيب جيڪو به ڪيس شروع ڪري ٿي ان کي منطقي انجام تائين پهچائي، مريم ۽ بلاول کي سياست جو ڪو تجربو نه آهي، مخالف ڌر سياسي نابالغن جي هٿن ۾ پنهنجي سياست گردي نه ڪري، مخالف ڌر جو لانگ مارچ به ميثاق جمهوريت جي آرٽيڪل 21 جي خلاف ورزي آهي، مخالف ڌر لانگ مارچ بدران اسان جو مينڊيٽ تسليم ڪندي چونڊ سڌارن ۽ قانونسازي ۾ اسان جو ساٿ ڏي، مخالف ڌر سان ڪرپشن کانسواءِ هر معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڪورونا وبا جي شدت هڪ ڀيرو ٻيهر وڌي رهي آهي، 3 هزار کان وڌيڪ ڪيسز رڪارڊ ڪيا پيا وڃن، وبا جي گذريل لهر ۾ حڪومت جي حڪمت عملي تمام گهڻي ڪامياب رهي، وبا جي لاءِ احتياطي تدبيرون ڪرڻ تمام ضروري ٿي ويون. هن چيو ته ويڪسين جو پهريون مرحلو جاري آهي، فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز ۽ 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي شهرين کي ويڪسين ملي رهي آهي. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته معيشت اهڙي فيز ۾ داخل ٿي وئي آهي جنهن ۾ استحڪام آيو آهي، ڪاروبار مثبت رفتار سان مٿي وڃي رهيو آهي. هن چيو ته ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو، حياتي کان وڌيڪ پياري ڪا شيءَ نه آهي. هن چيو ته سياسي لاوارث ماڻهن هڪ مهم شروع ڪئي آهي، وزيراعظم تي اعتماد جي ووٽ سان انهن کي مايوسي ٿي جڏهن ته سينيٽ اليڪشن ۾ به انهن کي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو، مخالف ڌر پنهنجي سياسي موت ڏسي رهي آهي. شبلي فراز چيو ته پي ڊي ايم هڪ اهڙو ڳٺ آهي جنهن جو پاڻ ۾ ڪو جوڙ نه ٿو بڻجي، استعيفائن ۽ لانگ مارچ تي انهن ۾ اختلاف سامهون آيا، سينيٽ جي اليڪشن ۾ اهو ئي ثابت ٿيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي مولانا فضل الرحمان جي پٺيءَ ۾ ڇرو گهونپيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان حڪمت عملي تحت روزگار ۽ انساني جانين ٻنهي کي بچايو، اسان جي ڪاميابين کي دنيا ساراهيو آهي. اهڙي قسم جي بحرانن ۾ قيادت جي خبر پوندي آهي، عالمي وبا ڪوويڊ 19 ۾ وڏيون وڏيون معيشتون تباهه ٿيون آهن پر اسان جي ڪامياب حڪمت عملي جا بهتر نتيجا سامهون آيا آهن. هن چيو ته پنجاب حڪومت ويڪسينيشن ۾ ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهي آهي جنهن تي هو مبارڪباد جي مستحق آهي. هن چيو ته ڪورونا جي ڪري ٻارن جي تعليمي سال تي خراب اثر پيو آهي، اسان جي حڪمت عملي هئي ته زندگين ۽ روزگار وانگر تعليم به متاثر نه ٿئي، ان ۾ ڪجهه حد تائين ڪاميابي ٿي آهي، اسان جو تعليم وارو وزير ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي ته آن لائين تعليم کي ملڪي سطح تائين ڦهلايو وڃي، تعليم واري وزارت ان تي ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مخالف ڌر وٽ هڪ چانس آهي اها ڪورونا جي ڪري پنهنجو لانگ مارچ ختم ڪري، هونئن به انهن کي لانگ مارچ مان ڪجهه ناهي ملڻو. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اسان جي پارٽي جا ٻه بيانيا آهن هڪ احتساب ۽ ٻيو شفاف اليڪشن. سيپٽمبر جي آخر ۾ ڪابينا چونڊ سڌارن ۽ آئيني ترميمن جي منظوري ڏني وئي، آئيني ترميم قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿي. هن چيو ته زرداري اڳ ۾ پيپلزپارٽي کي علائقائي پارٽي بڻايو ۽ هاڻي بينظير ڀٽو جي صحيح ٿيل ميثاق جمهوريت کي به پائمال ڪرڻ تي لڳو پيو آهي. هن چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ رڳو پي ٽي آءِ چئني صوبن جي پارٽي آهي ان جي مقابلي ۾ پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن) علائقائي پارٽيون بڻجي چڪيون آهن، اهڙي طرح حڪومت ۾ به سمورن صوبن جي نمائندگي آهي. هن چيو ته مخالف ڌر سياسي نابالغن جي هٿن ۾ پنهنجي سياست گردي نه ڪري، مريم ۽ بلاول کي سياست جو ڪو تجربو نه آهي، انهن پارٽين جا سينيئر ماڻهو پاليسي سازي کي سنڀالين، مخالف ڌر لانگ مارچ ملتوي ڪري ۽ حڪومت جي مينڊيٽ کي تسليم ڪندي چونڊ سڌارن تي اسان سان ڳالهيون ڪري، اسان چاهيون ٿا ته اڳتي جون اليڪشن شفاف بڻايون وڃن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جاسوسي ڪئميرائن جي آڙ ۾ مصطفيٰ نواز کوکر ۽ مصدق ملڪ سينيٽ جي اليڪٽرڪ وائرنگ خراب ڪري ڇڏي آهي، هونئن ته 60 هزار جو نقصان بڻجي ٿو پر انهن کي 54 هزار جو بل موڪلي رهيا آهيون.
284