247

عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪرڻ تائين پرڏيهه نه وينديس، 2 ڀيرا گرفتار ٿي چڪي آهيان، هاڻي گرفتاري حڪومت کي ڳچيءَ ۾ پوندي: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته ٻيهر گرفتار ٿي چڪي آهيان، هاڻي منهنجي گرفتاري حڪومت کي ڳچيءَ ۾ پوندي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز جو چوڻ هو ته نيب لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ منهنجي ضمانت خلاف درخواست داخل ڪرائي آهي، هاءِ ڪورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مان بيان ڏئي رهي آهيان، ان لاءِ ضمانت رد ڪئي وڃي. ان کان وڌيڪ ڪا مذاق جهڙي ڳالهه نه هوندي، بيان جانچڻ جو اختيار نيب کي ڪيئن مليو؟ اوهان ذميواريون تبديل ڪري ڇڏيون؟ ان خلاف پاڻ ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي، اچو ميدان ۾ ۽ مريم نواز جو مقابلو ڪريو. مريم نواز چيو ته عدليا جي ڪلهن تي بندوق رکي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، نيب لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪوڙ ڳالهايو ته جاچ ۾ سهڪار نه پئي ڪري، نيب جو ڪم ڪرپشن کي پڪڙڻ آهي ترجمان بڻجڻ نه، نيب ڪرپشن پڪڙڻ ۾ بري طرح ناڪام ٿي آهي، نيب کي تڪليف آهي ته مان سياست ۾ مداخلت ڪري رهي آهيان، مان اٽي ۽ کنڊ چورن کي چور ڇو پئي چوان؟ پر مان عوام جي نمائندگي ڪندي رهنديس ۽ سياست ۾ مداخلت تي آواز اٿاريندي رهنديس، ن ليگ خاموش ٿي نه ويهندي، مان مهانگائي، اقربا پروري، لاهور کي ڪچري جو ڍير بڻائيندڙن، گئس ۽ بجلي چورن خلاف ڳالهائيندي رهنديس، نيب جڏهن به طلب ڪيو مان آفيس ويس، نيب آفيس ٻاهريان بيٺل رهيس پر هنن در نه کوليو، مون تي حملو ۽ پٿراءَ ڪيو ويو، هڪ سال ٿي ويو آهي ته نيب مون کي ناهي سڏايو، اوهان انتقام ۾ به ناڪام ٿي ويا آهيو ته عدليا جي ڪلهن کي استعمال ڪري رهيا آهيو؟ مون کي اميد آهي ته هاءِ ڪورٽ نه رڳي ان درخواست کي رد ڪندي پر اهڙين بي معنيٰ درخواستن جو رستو پڻ روڪيندي. مريم نواز چيو ته 2 ڀيرا جيل ڪاٽي چڪي آهيان، توهان مريم نواز کي جيل اماڻڻ ۽ ضمانت رد ڪرڻ واري ڌمڪين سان ڊيڄاري نٿا سگهو، ڇاڪاڻ ته مريم نواز عمران خان جيان ڊڄڻي ناهي جيڪا ديوار ٽپي ڀڄي وڃي، سياستدان آهيان سياست ته ڪنديس نه، پهرين 2 ڀيرا گرفتار ٿيس، هاڻي به گرفتاري ٿي ته حڪومت کي ڳچيءَ ۾ پئجي ويندي، جيڪڏهن مون کي گرفتار ڪندئو ته نواز شريف لنڊن مان پاڻ ڳالهائيندو. هن چيو ته حڪومت جڏهن پريشان هوندي آهي ته ڪورونا اچي ويندي آهي، ڪورونا مخالف ڌر جي جلسن ۾ ايندي آهي حڪومتي جلسن ۾ نه، ڪورونا جي ويڪسين اچي وئي، عمران خان جي به ويڪسينيشن اچي چڪي پر عمران خان جي ويڪسين اها آهي ته عوام کيس رد ڪري، مخالف ڌر وٽ لانگ مارچ ۽ استعيفائن وارو آپشن موجود آهي. هن چيو ته عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪرڻ تائين پرڏيهه نه وينديس، حڪومت جو مون کي ٻاهر اماڻڻ وارو خواب پورو نه ٿيندو، پاڪستان زندهه آباد آهي ۽ رهندو، جاويد لطيف جي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، ان جي حب الوطني تي ڪو شڪ ناهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪرڻ تائين پرڏيهه نه وينديس، 2 ڀيرا گرفتار ٿي چڪي آهيان، هاڻي گرفتاري حڪومت کي ڳچيءَ ۾ پوندي: مريم نواز” ایک تبصرہ

پنهنجي راءِ ڏيو