راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سمورن سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ عورت ملازمن جي تحفظ جو نئون ترميمي قانون لاڳو ڪيو ويو آهي. حڪومت پاران سمورن سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي سربراهن ۽ لاڳاپيل اٿارٽيز کي باقاعده سرڪلر به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هن نئين ترميمي قانون ۾ نوڪري ڪندڙ عورتن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي، نئين قانون تحت ملازمت ڪندڙ عورتن کي حراسان ڪرڻ، جنسي لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ تنگ ڪرڻ واري ڏوهه ۾ وڏو ڏنڊ، ساليانيون ترقيون رد ڪرڻ، عهدي تان بدلي يا ملازمت تان برطرفي واريون سزائون ڏنيون وينديون. سمورن ادارن جي سربراهن کي تمام سختيءَ سان حڪم ڏنو ويو آهي ته هو هن نئين قانون بابت ادارن ۾ نمايان هنڌن تي پوسٽر لڳائين، هر اداري ۾ حراسمينٽ جاچ ڪميٽي لازمي جوڙي وڃي، جنهن اداري ۾ هي قانون واضح هنڌن تي نه لڳايو ويندو ان ادارن جي اختيارين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
168