فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ 11 ورهين جي نينگر کي زيادتي کانپوءِ قتل ڪري لاش واهه ۾ اڇلائيندڙ جوابدار پاڻ به واهه ۾ ڪري فوت ٿي ويو آهي. پوليس مطابق 4 ڏينهن اڳ 11 ورهين جي اسد علي کي گهر ٻاهريان اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻايو ويو هو ۽ کيس قتل ڪري لاش سيم واهه ۾ اڇلايو ويو. پوليس شڪ جي بنياد تي پاڙيسري ذيشان کي حراست ۾ ورتو، جنهن جاچ دوران ڏوهه جو اعتراف ڪندي ٻارڙي کي اغوا، زيادتي ۽ پوءِ کيس قتل ڪري لاش سيم نهر ۾ اڇلائڻ جو مڃيندي پوليس کي ڏوهه واري جاءِ ۽ اوزار ڏيکارڻ لاءِ واهه واري پاسي آيو. پوليس مطابق جوابدار ذيشان کي جنهن وقت سيم واهه تي آندو ويو ته هن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان دوران هن واهه ۾ ٽپو ڏنو، جنهن دوران هو واهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو.
236