201

ٿر جي ترقي ۽ خوشحالي جو نئون سفر…

ليکڪ: سوائي خان ڇلگري

ٿرپارڪر سنڌ صوبي جو مذهبي، رواداري، امن ۽ ڀائيچاري جي حوالي سان هڪ مثالي ضلعو آهي، ٿرپارڪر ضلعي جو هيڊڪوارٽر مٺي آهي ۽ هي ايراضي ۾ هندو آبادي جي لحاظ کان سنڌ جي مڙني ضلعن کان وڌيڪ آهي، ٿر جي ٽوٽل آبادي 16 لک 49 هزار 661 آهي ۽ ايراضي جي لحاظ کان 22 هزار اسڪوائر ڪلوميٽر تي پکڙيل وارياسو علائقو آهي، جنهن ۾ 7 تعلقا مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر، ڇاڇرو، ڏاهلي، ڪلوئي ۽ ڏيپلو شامل آهن، جنهن ۾ 64 يونين ڪائونسلز، 172 ديهه ۽ 2365 ڳوٺ آهن، سياسي نمائندگي جي حوالي سان ٻه قومي اسيمبلي جا ميمبر ڊاڪٽر مهيش ملاڻي، پير امير علي شاهه، ٻه سينيٽر انجنيئر گيانچند، سينٽر ڪرشنا ڪماري، ميمبر صوبائي اسيمبلي فقير شير محمد بلالاڻي، ارباب لطف الله، قاسم سراج سومرو ۽ وڏي وزير جو صلاحڪار ويرجي ڪولهي ۽ ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ شامل آهن، ٿر سڀ کان وڌيڪ قيمتي قدرتي معدنيات جهڙوڪ، چيني مٽي، لوڻ، گرينائيٽ ۽ ڪوئلي سان مالا مال آهي، ٿر ۾ 175 ارب ٽن ڪوئلي جو ذخيرو موجود آهي، جيڪو 9 هزار چورس ڪلوميٽر تي پکڙيل آهي ۽ جڏهن ته 10 مختلف رنگن جو 26 ارب ٽن گرينائيٽ موجود آهي، ان کان سواءِ چيني مٽي ۽ لوڻ جو به وڏو ذخيرو موجود آهي، جيڪو صنعتي ۽ ڪاروباري سرگرمي جو مرڪز ٿي سگهي ٿو. وفاقي حڪومت ٿر کي معاشي سرگرمي ۽ صنعتي ضلعو بڻائڻ ۽ ٻاهرين ملڪن جي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي ۽ ٿر ۾ ڪوئلي جي کوٽائي ۽ ان مان بجلي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار سنڌ اينگرو ڪول مائينگ ڪمپني (SECMC)  ادا ڪيو آهي ۽ هيستائين 660 بجلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪري چڪي آهي، جڏهن ته سائينو سنڌ ريسوس ايندڙ سال تائين 1300 ميگاواٽ نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪندي، ٿر اندر بجلي جا منصوبا نووا ۽ حبڪو زير تعمير آهن، جيڪي 2022ع تائين 330 ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪندا، اهي سڀ ڪاوشون ظاهر ڪن ٿيون ته ”ٿر بدليندو پاڪستان“. صنعتي سيڙپڪاري کي پرڪشش ۽ آسان بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت ٿر جي اندر وڏا وڏا ترقياتي منصوبا ڪاميابي سان مڪمل ڪري چڪي آهي، جن ۾ ڪشادو روڊ، پاڻي جي ذخيري جا ڊيم، پاڻي جون پائيپ لائينون، مائي بختاور ايئرپورٽ اسلام ڪوٽ، مٺي ۾ رهائشي ڪالوني، اينگرو ۽ ٽي سي ايف جي تعاون سان معياري اسڪولن، اين اي ڊي يونيورسٽي، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو وسڪيولر ڊزيز (اين آءِ سي وي ڊي) ۽ ٻيا ڪيترائي منصوبا ڪاميابي سان مڪمل ڪري چڪي آهي. ٿرپارڪر ضلعي ۾ چوپائي مال جو تعداد 7.7 ملين آهي، جنهن ۾ مختلف قسمن جا جانور جهڙوڪ سٺي نسل جون ڍڳيون، ٻڪريون، اُٺ، رڍون ۽ ٻيا جانور شامل آهن، رڍ ضلعي جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، جنهن مان 3 ملين ٽيهه لک سالياني اُن ملي ٿي، ٿرپارڪر جي دستڪاري انوکي ۽ منفرد آهي، جيڪا هتي جي عام عورت جي لاءِ هڪ ذريعه معاش آهي، ٿرپارڪر جي دستڪاري ۾ ٿري قالين، ٿري شالون، گج، هارمچ، ايپليڪ ۽ ٻيون ڪيتيرون ئي انمول دستڪاري جون شيون موجود آهن. سنڌ حڪومت پاڻي جي ذخيري ۽ زراعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ 42 پاڻي جي ڊيمن جي منصوبي کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ ۾ پيش پيش آهي، جن ۾ هيستائين 23 ڊيم ٺهي مڪمل ٿي چڪا آهن، جڏهن ته باقي ڊيم 2022ع تائين ٺهي مڪمل ٿي ويندا، جنهن سان نه صرف 87 وڏن ڳوٺن ۾ صاف پاڻي مهيا ڪري سگهبو، پر ان سان گڏوگڏ 83 هزار ايڪڙ زمين آبپاشي ڪري سگهبي، هيستائين ٺهيل 23 ڊيمن جي پاڻي مان سوين ايڪڙ زمين تي مختلف فصل پوکيا پيا وڃن، جن ۾ بصر، ڪڻڪ، ٻاجهر، ٿوم، گوار جا بمپر فصل موجود آهن، جيڪو سنڌ حڪومت جو ٿر جي معاشي خوشحالي جو وڏو ڪارنامو آهي. سنڌ حڪومت پبلڪ پارٽنرشپ پروگرام کي هٿي وٺرائيندي ٿرڪول جي ٻن بلاڪن تي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ 450 ارب رپين جي لاڳت سان جنهن ۾ سنڌ اينگرو ڪول مائينگ ڪمپني جي سهڪار سان ٿرڪول بلاڪ ٽو تي سنڌ اينگرو ڪول مائينگ ڪمپني جي ڳوٺ نيو سينهري درس ۾ اٽڪل 175 گهر تعمير ڪري متاثرن جي ٻيهر بحالي ڪري في گهر 5 ملين رپين جي لاڳت سان تعمير ڪري ڏنا ويا آهن، جنهن ۾ پيئڻ جو پاڻي، روڊ، اسڪول ۽ اسپتال قائم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مسجد ۽ مندر پڻ تعمير ڪيا ويا آهن، ان کانسواءِ نيو سينهري درس جي ڳوٺاڻن کي سالانا هڪ لک رپيا معاوضو پڻ ڏنو پيو وڃي، انهيءَ کانسواءِ سنڌ ۾ پهريون دفعو گرين ٿر گرين سنڌ جي نالي سان ٿر ۾ قدرتي وڻن جي نرسري قائم ڪئي وئي آهي، ان کانسواءِ گوڙاڻو ڊيم تي کاري پاڻي مان پاڻي جي افزائش پالنا ڪئي پئي وڃي، ساڳئي طرح سان گهرن اندر ڪچن گارڊن تحت مختلف ڀاڄيون پڻ پکيون پيون وڃن. ٿر ثقافتي ورثي جي حوالي سان پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو، جنهن ۾ مارئي جو کوهه، گوڙي ندر، ڀوڏيسر مسجد ڪارونجهر جبل، جئن مندر، ثقافت کاتي پاران ننگرپارڪر ۾ روپلو ڪولهي جي نالي سان ريسٽ هائوس ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ڪارونجهر ريسٽ هائوس ۽ ٻيا انيڪ ثقافت ورثا موجود آهن، اهو ئي سبب آهي ته سانوڻي جي برسات ۾ ننگرپارڪر ۾ هر سال سنڌ توڙي پاڪستان جي مختلف علائقن کان لکين ماڻهو هتي گهمڻ اچن ٿا، ڳالهه ڪجي ٿر ۾ ٿيندڙ ترقياتي اسڪيمن جي حوالي سان ته ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر محمد نواز سوهو ۽ لاڳاپيل کاتن جي انجنيئرن جي رپورٽ موجب سنڌ حڪومت پاران ٿر کي اهميت ڏيندي ترقي وارن ڪمن لاءِ 1186 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جيڪي سنڌ جي ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بجيٽ آهي، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ بلڊنگ کاتي جي ايڪسيئن اوم پرڪاش ٻڌايو ته ريسٽ هائوس اسلام ڪوٽ جي سال 19-2018ع جي اسڪيم جنهن جي ڪل لاڳت 29.2254 ملين رپيا آهي، جنهن ۾ هن وقت تائين 2 ڪروڙ 29 لک رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، جنهن تي ڪم هلي رهيو آهي، اهڙي طرح مٺي ۾ 300 فوٽ جي اونچائي تي پڪنڪ اسپاٽ نيو گڊي ڀٽ لڳ ڏيپلو باءِ پاس جي سال 19-2018ع جي اسڪيم جنهن جي لاڳت 33.789 ملين رپيا آهي، جنهن تي هڪ ڪروڙ 86 لک 79 هزار رپيا خرچ ڪيا ويا آهن ۽ اسڪيم تي ڪم هلي رهيو آهي، اهڙي طرح ڊسٽرڪٽ روڊ کاتي جي سب انجنيئر مٺو ٻڌايو ته آشرم چوڪ کان اسلام ڪوٽ باءِ پاس جي سال 19-2018ع جي اسڪيم جنهن جي لاڳت 19.998 ملين رپيا آهي جيڪا مڪمل ڪئي وئي آهي، اهڙي طرح مٺي ۾ اولڊ ناڪا کان گڊي ڀٽ بشمول پاڙه ڪالوني جي 2 ڪلو ميٽر روڊ جي سال 19-2018ع جي اسڪيم جنهن جي لاڳت 15.833 ملين رپيا آهي، مڪمل ڪئي وئي آهي، اهڙي طرح پراونشل هاءِ ويز بلڊنگ جي سب انجنيئر عبدالوحيد ٻڌايو ته مٺي ۾ پيرا ميڊيڪل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ جي بلڊنگ جي سال 2017ع جي اسڪيم جنهن جي لاڳت 76.494 ملين رپين جي اسڪيم جيڪا مڪمل ڪئي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو