259

خواهشن، حسرتن ۽ چاهتن جو قاتل سماج…

ليکڪ: عزيز ڏاهري

جتي ساهه کڻڻ تي بندوشون هجن، سوچن تي پهرا هجن، خواهشون رسمن جي ڪوريئڙي ۾ ڦٿڪنديون هجن، چاهتن مٿان ڪات اڀا هجن، اظهار جي آزادي لفظي هجي، حقن جي حقيقتن مٿان انڪار حاوي هجي ته ڀلا اهڙي سماج ۾ قتل عام، جنسي زيادتين جي واقعن، خودڪشين ۽ ٻين وحشتن ۾ اضافو نه ٿيندو ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ جتي اسان کي 3 سالن جي ٻارڙي سان جنسي ريپ تي، مجبوري سانگي گهر کان ٻاهر نڪرندڙ عورت جي هراسمينٽ تي، ٻالڪ سان استاد جي بدفعلي تي، گهر جو چرخو ڌڪڻ لاءِ پنهنجا معصوم هٿ ڪاراڻ ۾ رڱيندڙ ڪنهن پورهيت ٻار سان وحشي پڻي تي غيرت نه اچي ۽ يونيورسٽي جي ڪنهن پڙهيل لکيل باشعور ناري پاران جيون ساٿي جي چونڊ ۽ پيار جي اظهار تي غيرت ايندي هجي ته ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان ذهني ۽ سماجي طور تي ڪٿي بيٺا آهيون، لاهور جي شاگردياڻي پاران ساٿي شاگرد کي محبت جا گل آڇڻ بعد مٿن لڳل تهمتون ۽ يونيورسٽي انتظاميه پاران ڏنل نيڪالي ڪا نئين ۽ حيرانگي جي ڳالهه نه آهي، جتي شاگردياڻين کي هراسان ڪرڻ عام هجي، شاگردياڻين جي ڪپڙن تي سوال اٿندا هجن، جتي شاگردياڻي جي ڪنهن شاگرد سان گڏ ويهڻ تي اڱريون کڄنديون هجن اتي محبت جا گل آڇڻ وڏي ڏوهه کان گهٽ نه آهي، ڀلا يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ، سلجهيل گهراڻي سان تعلق رکندڙ ڪنهن شاگردياڻي، نوجوان ناري کي پسند جو جيون ساٿي چونڊڻ جو  حق به ناهي؟ جڏهن اسلام نڪاح ۾ مرضي جو حق ڏئي ٿو ۽ ملڪ جو قانون 18 سالن جي عمر کانپوءِ پنهنجي رضا خوشي سان پرڻي جي اجازت ڏئي ٿو ته اتي جوان جوڙن جي حسرتن مٿان سماجي رسمن جا نوڙ اڇلڻ ۽ تهمتن جا تير هڻڻ غير مناسب عمل آهي، سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز نه ڄاڻ ڪهڙي ڪيفيت ۾ هي سٽون سرجيون هيون ته؛

ٻي خبر ناهي پر مرڻ کانپوءِ

تو سان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون

نياڻين کي تعليم نه ڏيڻ، انهن کي مرضي سان جيئڻ جو حق نه ڏيڻ، زندگيءَ جي ڊگهي سفر جو جيون ساٿي پاڻ چونڊڻ جو اختيار نه ڏيڻ، فيصلن ۽ سماجي وهنوار ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه ڪرڻ سبب سماج ۾ مسئلا جنم وٺن ٿا، رات جي اونداهين ۾ گهران نڪري عدالتي پرڻا ۽ ٻيا واقعا ان جو مثال آهن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سماج ۽ ان جي فردن کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، عورت ۽ مرد کي برابري جي بنياد تي حق ڏيڻا پوندا ۽ عورت کي به پنهنجي مرضي سان زندگي گذارڻ جو حق ڏيڻو پوندو، جيڪڏهن عورتن کي لتاڙبو، انهن مٿان فيصلا مڙهبا ۽ پٽن کي شهسوار ڪري سڀني پابندين کان آجو ڪرڻ سميت انهن جي هر فرمائش پوري ڪرڻ جو رواج وڌو ويندو ته يقينن عورتون احساس ڪمتريءَ جو شڪار ٿيندي ناانصافي جي پيڙاءَ کي برداشت ڪندي انتهائي قدم کڻنديون، ڳالهه رڳو لاهور جي جوڙي جي نه آهي، اسان پنهنجي ڀرپاسي به اهڙين ناڪاري سوچن کي منهن ڏيندا رهون ٿا، شايد ئي اهڙو ڪو ڏينهن هجي جڏهن سنڌ ۾ غيرت جي نالي تي ۽ ڪارنهن جي الزام هيٺ سنڌ اندر ڪنهن عورت کي قتل يا رت ۾ لال نه ڪيو ويو هجي، هتي عورتن کي قتل ڪري لاش بنا ڪفن جي ڳجهه ڳوهه ۾ دفن ڪرڻ ۽ واهن توڙي درياهن ۾ لوڙهي ڇڏڻ جا واقعا به ٿيندا رهيا آهن، بدقسمتي سان اسان جو سماج انهن عملن کي هٿي وٺرائي ٿو، جڏهن ته بعد ۾ انهن واقعن جو ڪارڻ ڪجهه ٻيو نڪري ٿو، ڪوڙي غيرت جي نالي تي ۽ ملڪيتن توڙي ٻين تڪرارن ۾ عورتن جي بلي ڏني وڃي ٿي، اهو ڪيڏو نه الميو آهي ته اسان آزادي، انساني حقن جي حوالي سان عالمي دنيا ۽ سڌريل سماج جا مثال ڏيون ٿا پر پنهنجي سماج کي بدلائڻ لاءِ ذهني طور تيار ئي نه آهيون، اسان پنهنجي ارد گرد ٿيندڙ اهڙن واقعن کي ان انداز ۾ نٿا ننديون، جنهن انداز ۾ اسان کي تحرڪ وٺڻ گهرجي. عورتن کي صرف هڪ شيءِ يا سماج جو هڪ غير اهم فرد سمجهڻ واري سوچ ترڪ ڪرڻي پوندي، پراڻين مدي خارج رسمن مان نڪرڻو پوندو. محبتن، چاهتن، خواهشن ۽ حسرتن مٿان اڀا ڪيل ڪات هٽائڻا پوندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو