ليکڪ: حسين آزاد ميمڻ
سنڌ حڪومت جي سيڪريٽري احمد بخش ناريجي تعليم بابت ڪوررٽ جي پڇاڻي تي اعتراف ڪندي ٻڌايو آھي سنڌ جا 6866 اسڪول مڪمل بند آهن 7974 اسڪول هلڻ جي قابل نه آھن ۽ 46549 استادن جون جايون خالي پيل آھن، تعليم کاتي ڄاڻايل انگن اکرن ۾ ڪيتري هيرا ڦيري ڪئي آھي ۽ سر زمين تي تعليم جي حالت ڇا آھي اهو جيڪڏهن سنڌ جي ڳوٺن ۽ شھرن جي اسڪولن جو درو ڪبو ته پتو پئجي ويندو ته ڏنل انگن اکرن ۾ڪيتري هيرا ڦيري ٿيل آھي، استادن جي ٻڌايل خالي سيٽن مان خبر پوندي ته جتي اندازن اڌ لک سيٽون خالي هجن اتي تعليم نه پرائيندڙ ٻارن جو ريشو ڪيترو هوندو، اهو اندازو ڪرڻ مشڪل نه آھي، ڇاڪاڻ ته ڳوٺن جي پرائمري اسڪولن ۾ استاد نه هئڻ جي ڪري جيڪي بند پيل آھن اهي به هر يوسي ۾50 سييڪڙو کان به مٿي آھن جڏهن ته ڪنهن ڪنهن يونين ڪائونسل ۾ ته پنجهتر سيڪڙو اسڪول استاد نه هئڻ ڪري بند پيل آھن، ان کان سواءِ جتي پرائمري اسڪول جا پنج ڪمرا آھن ۽ ٻارن جو تعداد 150 آھي اتي به استاد نه هئڻ برابر آھن انڪري استادن جي کوٽ سبب ڪيترائي ٻار اسڪول ۾ حاضري ته ڏين ٿا پر استاد نه هئڻ ڪري پڙهائي ٺپ ٿيل آھي ۽ ان سبب جي ڪري اسڪول کان ٻاهر ويٺل ٻارن جو ريشو تمام گهڻو آھي، جن ٻارن کي اسڪول ۾ هئڻ گهرجي اهي ٻنين،ڪارخانن دڪانن،روڊن رستن ۽ پيٽرول پمپن تي مزدوري ڪندي ڏٺا وڃن ٿا، جڏهن انهن جي مائٽن کان پڇا ڪئي ٿي وڃي ته سندن هڪ ئي جواب هوندو آھي ته استاد نه هئڻ ڪري اسڪول بند آھن 18-2019ع جي سروي چارٽ موجب سنڌ ۾ تعليم جو ريشو 57 سيڪڙو ٻڌايو ويو آھي هي ريشو به اسڪولن ۾داخل ٻارن تي آڌاريل آھي، جڏهن ته اسڪولن ۾ انرولمينٽ ته هوندي آھي پر ڊراپ آئوٽ جو ريشو تمام گهڻو هوندو آھي، جن جا سبب ڪيترائي آھن پر وڌ کان وڌ سبب ٻارن جي مائٽن جي عدم دلچسپي ۽ استادن جو اسڪولن ۾ موجود نه هئڻ آھي، ان کان سواءِ ڪيترن ئي اسڪولن جو انفرااسٽرڪچر ايترو ته خراب آھي جو هاڻ اسڪولن ۾ ٻارن کي تعليم ڏيندي به رسڪ کڻڻو ٿو پوي ته متان ڪو چاپڙ ڪري پئي ۽ ڪو شاگرد يا استاد زخمي نه ٿئي پئي، ڪجهھ اهڙا به اسڪول آھن جيڪي ڪاغذن ۾ ته کليل آھن پر استاد گوسڙو هئڻ ڪري اسڪول بند پيل آھي، يونيسيف جي رپورٽن مطابق سنڌ جي تعليم واري شعبي ۾ اسڪولن جي حالت پوري پاڪستان جي صوبن کان خراب آھي، سنڌ جي اسڪولن ۾ سهولتون صرف 23 سيڪڙو آھن جڏهن ته ٻين ٽنهين صوبن پنهنجن اسڪولن کي سهولتون مهيا ڪيون آھن جن ۾ پنجاب ته ٽاپ تي آھي، ان پوري صورتحال کان سواءِ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ تي اسڪولن جي بند ٿيڻ ۽ امتحان ۾ پروموٽ ٿيڻ ڪري شاگردن جي پڙھائي ۾ دلچسي تمام گهٽجي وئي آھي، پرائمري هجي، سيڪنڊري هجي يا هائر سيڪنڊري هجي، هر گورنمينٽ اسڪول ۾ شاگردن جي حاضري جو ريشو گهٽجي ويو آھي ۽ جيڪڏهن شاگرد اچي به ٿو ته ان جو ذھن ٺھيل هوندو آھي ته ڪورونا جي ڪري امتحان نه ٿيندا ۽ اسان کي پروموٽ ڪيو ويندو، انهي سوچ جي ڪري پڙهڻ جي ڪوشش ئي نٿا ڪن، هن وقت به ڪورونا جي ٽئين مرحلي جي پکڙجڻ ڪري پنجاب جا اسڪول بند ڪيا پيا وڃن جنهن مان لڳي ٿو ته سنڌ جا اسڪول به بند ٿيندا، سنڌ جي تعليم سان هڪ ٻيو الميو اهو به آھي ته سنڌ اندر ڳوٺن جا وڏيرا ۽ سردار اسڪولن کي ڀانڊا ڪري انهن ۾ پنهنجي جانورن جو چارو ۽ زمين جو ٻج ڀاڻ رکڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا، سنڌ جي وڏيري ۽ ڀوتار جو ذھني لاڙو هونءَ به غريب جي تعليم جي خلاف هوندو آھي، اهي ڪڏهن به نه چاهيندا آھن ته ڪنهن به غريب جو ٻار پڙھي ۽ باشعورٿئي، سنڌ جي حڪومت تعليم جي ايمرجنسي لڳائي آھي پر ان جا نتيجا اڳتي وڌڻ بدران پوئتي ڏسجن ٿا، ڪيترن ئي اسڪولن کي ليٽرين جون سهولتون نه آھن، ڪيترن نياڻين جي اسڪولن کي بائونڊريون نه آھن، اسڪولن ۾ پاڻي جي پيئڻ جو بندو بست نه آھي، پوري سنڌ جي تعليم تي نظر وجهبي ته صرف رسمي طور حڪومتي سرگرميون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، ڪرپشن ۽ سفارش هر کاتي کي اڏوهي وانگر کوکلو ڪري ڇڏيو آھي، اهڙي طرح تعليم جي کاتي کي به تباھه ڪري ڇڏيو آھي، هر سال نون تجربن ۽ پاليسن تحت ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا پر عملي ڪم نٿو ٿئي، ڪورس ۾ تبديلي جي صورت ۾ استادن کي صحيح طرح سان تربيت به نٿي ڪرائي وڃي جنهن ڪري اسڪولن ۾ نئين متعارف ڪرايل ڪورس تي استاد جي دسترس نه هئڻ برابر آھي، جنهن سان ٻار متاثر ٿئي ٿو، سنڌ ۾ پڙھائي جو معيار سرڪاري پرائمري اسڪولن ۽ خاص ڪري ٻھراڙين جي اسڪولن ۾ بنهه نه آھي، ان لاءِ سنڌ حڪومت کي گهرجي ته استادن جو ڀرتيون جلد کان جلد ڪري استادن جي کوٽ پوري ڪئي وڃي ۽ اسڪولن ۾ سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن، ڇاڪاڻ ته تعليم کان سواءِ ڪڏهن به معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي، ان لاءِ سنڌ صوبي کي تعليم ۾ اڳيان آڻڻ لاءِ هڪ مانيٽرنگ سسٽم ۽ ٻيو استادن کي تربيتون ڪرائڻ سان گڏ سهولتن ۽ انفرااسٽرڪچر تي ڌيان ڏنو وڃي جيئن تعليم جي ميدان ۾ سنڌ پاڪستان جي ٻين صوبن کان پوئتي نه رهجي.