ايڊيٽوريل
عورتن ۽ ٻارڙن سان جنسي زيادتين جي واقعن تي ضابطو نه اچڻ سواليا نشان آهي، هڪٻئي پٺيان اهڙن واقعن جو پيش اچڻ ڪنهن الميي کان گهٽ نه آهي، ائين لڳي ٿو ڄڻ لاقانونيت ۽ جهنگ جو قانون هلي رهيو آهي، هڪڙن واقعن جي جوابدارن کي اڃا سزا ئي ناهي ملي سگهي ته وري نوان واقعا سامهون اچي رهيا آهن، اهڙو ئي هڪڙو انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو لاڙڪاڻي ۾ پيش آيو آهي، جتي هڪ نجي اسپتال ۾ نوجوان عورت کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو، ميڊيا ۾ آيل خبرن موجب غلام فاطمه نالي عورت کي آپريشن لاءِ شهر جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي سندس مبينا طور اجتماعي زيادتي ڪئي وئي، عورت الزام لڳايو آهي ته آپريشن جي آڙ ۾ کيس بيهوش ڪيو ويو ۽ بيهوشي جي حالت ۾ ڊاڪٽر شعيب سميت چئن جوابدارن کيس اجتماعي حوس جو نشانو بڻايو، واقعو رپورٽ ٿيڻ بعد انتظاميا حرڪت ۾ آئي آهي، ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مک جوابدار ڄاڻايل ڊاڪٽر ۽ اسپتال جي انتظاميا ڪارروائي کان آجا آهن، سنڌ ۾ هر روز عورتن، ٻارڙين سان زيادتين ۽ قتل عام جا واقعا رپورٽ ٿي رهيا آهن جن ۾ لاڙڪاڻو واقعو بدترين اضافو آهي، ڊاڪٽر مسيحا هوندا آهن، جن جو ڪم جتي حياتيون بچائڻ آهي، اتي عزتن جو احترام ڪرڻ به سندن مٿان لازمي فرض آهي، جڏهن ماڻهو پنهنجي ڪنهن عورت کي ڊاڪٽر وٽ علاج لاءِ وٺي ويندا آهن ته اهي ڊاڪٽر اهو اعتبار ڪندا آهن ته ڊاڪٽر عورت کي ماءُ، ڌيءَ ۽ ڀيڻ جي مدد سان ڏسندو. اسپتالن ۾ آپريشن توڙي ٻين صورتن ۾ عورتون الله کانپوءِ ڊاڪٽر جي امان ۾ هونديون آهن پر جيڪڏهن اتي به محفوظ نه رهن ته اهو وڏو الميو آهي، لاڙڪاڻي ۾ مبينا طور اسپتال اندر ڊاڪٽر ۽ عملي جي وحشت جو نشانو بڻيل عورت اهو پڻ شڪ ظاهر ڪيو آهي ته اسپتال اندر ان قسم جا واقعا معمول بڻيل آهن، جتي داخل ٿيندڙ نوجوان ڇوڪرين کي پڻ ائين ئي پنهنجي حوس جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، اهڙي واقعي کانپوءِ لاڙڪاڻي سميت سڄي سنڌ جون اسپتالون خاص طور تي خانگي ميڊيڪل سينٽر ان شڪ جي ريڊار تي اچي ويا آهن ته ڇا اتي علاج لاءِ ايندڙ ۽ آپريشن توڙي ٻين مجبورين جي ڪري داخل ٿيندڙ عورتن جون عزتون محفوظ آهن؟ ڇا اتي جا ڊاڪٽر مجبور ۽ بيمارين ۾ ڦاٿل عورتن سان بهتر ۽ شفيق رکن ٿا؟ يا عام روڊ ۽ بازار جي اوباش نوجوانن وانگر سندن عقابي اکيون وحشتن وچان حوس جي نظر سان ڏسنديون ٿيون رهن، لاڙڪاڻو واقعو سنڌ حڪومت، صحت کاتي توڙي مقامي انتظاميا لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي، ان واقعي کي نظرانداز ڪيو ويو ته ان جو مقصد وري نئين واقعي کي دعوت ڏيڻ هوندو، ان ڪري لاڳاپيل اختيارين کي گهرجي ته ان واقعي کي سنجيده وٺن ۽ ان جي ايماندار آفيسر کان شفاف ۽ گهڻ رخي جاچ ڪرائي وڃي، جنهن ۾ عورتن جي حقن لاءِ ۽ انساني حقن جدوجهد ڪندڙ عورت اڳواڻن کي به شامل ڪيو وڃي، وقتائتي ۽ شفاف جاچ سان ئي حقيقتون سامهون آڻي سگهجن ٿيون، واقعي جي جاچ ۾ جيڪڏهن ڊاڪٽر، عملو ۽ انتظاميا ان ڏوهه ۾ ملوث نڪرن ٿا ته کين اهڙي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي جو آئنده مسيحائي پيشي سان سلهاڙيل ڪو به فرد ان قسم جو ڏوهه ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهي، ان سان گڏ اسڪولن، بازارن توڙي مختلف ادارن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي حراسمينٽ ۽ لڄالٽ جي واقعن کان محفوظ رکڻ لاءِ حڪومتن کي فوري ۽ سنجيده قدم کڻڻ گهرجن ۽ سماج لاءِ ناسور بڻجي ويل جنسي بگهڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي کين سزا ڏياري وڃي، جيڪڏهن قانون جي عملداري ۽ معاشري جي هر فرد جي تحفظ جي حلف جي پاسداري نه ڪئي وئي ته ان قسم جا ڏوهه اڃا وڌندا ۽ اسان بگاڙ جي بدترين حد کي پهچي وينداسين، جنهن جا ذميوار يقينن اهي ادارا ۽ فرد هوندا، جن مٿان اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي.