179

عدالتي حڪم نظر انداز ڪرڻ تي صوبائي سيڪريٽري بلديات پنجاب نورالامين مينگل کي نوٽيس جاري

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي صوبائي سيڪريٽري بلديات پنجاب نورالامين مينگل کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد وحيد ٺيڪيدار راڻا شهزاد خالد جي توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ عدالتي حڪم جي پاسداري ناهي ڪئي. درخواست ڏيندڙ مطابق نارووال ۾ ڊرينيج سسٽم جي تعمير لاءِ سڀني کان وڌيڪ ٻولي ڏني پر ان باوجود ٽينڊر نه ڏنو ويو. درخواست ڏيندڙ ٽينڊر نه ملڻ تي عدالت سان رابطو ڪيو جنهن تي عدالت سيڪريٽري بلديات کي درخواست جو جائزو وٺي ان تي فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. درخواست ڏيندڙ نشاندهي ڪئي ته سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ جو عدالتي حڪم کي نظر انداز ڪرڻ توهين عدالت آهي. ان ڪري هن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو