230

ويسٽ انڊيز سريلنڪا کي ٽئين ۽ آخري ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ ۾ 5 وڪيٽن تان هارائي ڪلين سوئيپ ڪري ڇڏيو

اينٽيگوا(ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز سريلنڪا کي ٽئين ۽ آخري ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچ ۾ 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ڪلين سوئيپ ڪري ڇڏي. ڪامياب ٽيم 275 رنسن جو هدف 40 هين اوور ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. ڊيرن براوو 102 رنسن جي اانگز کيڏي، کيس مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. سر ويون رچرڊ اسٽيڊيم، نارٿ سائونڊ ۾ کيڏيل ميچ ۾ سريلنڪا اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي مقرر ڪيل 50 اوورز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 274 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ ويسٽ انڊيز گهربل هدف ڊيرن براوو جي شاندار سينچري سبب 48.3 اوورز ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو