اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) کنڊ جي پيداوار مقرر هدف کان 3 لک ٽن وڌڻ جو امڪان آهي، ان کان اڳ ڪرشنگ سيزن ۾ کنڊ جي ملڪي پيداوار جو ڪاٿو 5.2 ملين لڳايو ويو هو، جڏهن ته ڪمند جي ڪريشنگ سيزن جي پڄاڻي تائين کنڊ جي پيداوار 5.5 ملين ٽن تائين وڌڻ جو امڪان آهي. خوراڪ کاتي جي رپورٽ موجب 26 فيبروري 2021ع تائين کنڊ جي مقامي پيداوار 5.2 ملين تائين پهچي چڪي آهي جيڪا پيداوار جي شروعاتي ڪاٿي جي برابر آهي، جڏهن ته ڪمند جي ڪريشنگ سيزن ختم ٿيڻ تائين ايندڙ ڪجهه هفتن دوران کنڊ جي پيداوار ۾ وڌيڪ 3 لک ٽن اضافي جو امڪان آهي، اهڙي ريت سيزن جي پڄاڻي تائين کنڊ جي پيداوار 5.5 ملين ٽن تائين وڌي ويندي. رپورٽ موجب 26 فيبروري تائين پنجاب ۾ کنڊ جي پيداوار 3.45 ملين ٽن، جڏهن ته سنڌ ۾ 1.45 ملين ٽن ۽ خيبرپختونخوا ۾ 3 لک 30 هزار ٽن حاصل ٿي چڪي آهي.
197