184

منظور ٿيل ڪا به ويڪسين معطل نه ڪئي ويندي: سعودي عرب جي صحت واري وزارت

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي صحت واري وزارت جي ترجمان ڊاڪٽر محمد العبد العالي چيو آهي ته ملڪ ۾ منظور ٿيل ڪا به ويڪسين معطل نه ڪئي ويندي. ميڊيا رپورٽن موجب ترجمان نئين ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت بريفنگ دوران ٻڌايو ته ملڪ ۾ منظور ٿيل ڪا به ويڪسين معطل نه ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي يورپي ملڪن احتياطي اپائن طور پرايسٽرا زينيڪا ويڪسين معطل ڪري ڇڏي آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته  وڏي عمر جي ماڻهن لاءِ ويڪسين لڳرائڻ ضروري آهي، بزرگن کي ويڪسين ضرور لڳرائڻ گهرجي، جڏهن ته اهو خيال غلط آهي ته  الرجي ۾ مبتلا ماڻهن لاءِ ويڪسين لڳرائڻ صحيح نه آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو