239

ويرات ڪوهلي ٽي 20 انٽرنيشنل ۾ 3 هزار رنسن جو اعزاز حاصل ڪري ورتو

احمد آباد(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان ۽ نالي وارو بيٽسمين ويرات ڪوهلي ٽي 20 انٽرنيشنل ۾ 3 هزار رنسون جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي، اهڙي طرح اهو اعزاز حاصل ڪندڙ دنيا جو پهريون بيٽسمين بڻجي ويو آهي . 32 سالن جي ويرات ڪوهلي انگلينڊ خلاف ٻي  ٽي ٽونٽي انٽرنيشنل ۾ هي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو، هن 73 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي کٽڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ويرات ڪوهلي هيستائين 87 ٽي 20 انٽرنيشنل ميچز ۾ 50.86 جي اوسط سان 3001 رنسون ٺاهي چڪو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو