ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ ڪوئلي جي کاڻ اندر گئس ڀرجڻ سبب ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽن ڀائرن سوڌو 7 پورهيت دٻجي فوت ٿي ويا آهن. رپورٽن مطابق بلوچستان جي ضلعي هرنائي جي علائقي طور غر ۾ ڪوئلي جي کاڻ اندر گئس ڀرجڻ سبب ڌماڪو ٿيو، نتيجي ۾ کاڻ اندر دٻجي وئي، جنهن دوران اتي ڪم ڪندڙ 7 پورهيت مٽيءَ جي ڍير هيٺيان اچي فوت ٿي ويا، فوتين ۾ 3 سڳا ڀائر پڻ شامل آهن، جن جا لاش ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڳولا کانپوءِ هٿ ڪيا ويا. معدنيات واري سيڪريٽري واقعي جي جاچ ۽ غفلت ڪرڻ تي کاڻ جي مئنيجر ۽ ٺيڪيدار خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
150