اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن کان اڳ وزيراعظم عمران خان پاران اسيمبلي ميمبرن کي فنڊ جاري ڪرڻ خلاف پيپلز پارٽي جي داخل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ سينيٽ چونڊن کان اڳ اسيمبلي ميمبرن کي فنڊ جاري ڪرڻ تي وزيراعظم خلاف پيپلز پارٽي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. اليڪشن ڪميشن ڪي پي ڪي ميمبر ارشاد قيصر جي سربراهي ۾ ٽه رڪني ڪميشن ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار پيپلز پارٽي اڳواڻ سيد نيئر حسين بخاري اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو. نيئر حسين بخاري جو چوڻ هو ته سينيٽ چونڊن کان اڳ اسيمبلي ميمبرن کي فنڊز جي صورت ۾ رشوت ڏني وئي ۽ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، وزيراعظم جو ميمبرن کي فنڊ ڏيڻ وارو اعلان رشوت جي زمري ۾ اچي ٿو، هن آرٽيڪل 181 جي ڀڃڪڙي ڪئي جنهن تي سزا ڏئي سگهجي ٿي، ان پاران ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي اليڪشن ڪميشن جي توهين برابر آهي، جنهن تي اليڪشن ڪميشن 3 سال سزا ۽ هڪ لک ڏنڊ مڙهي سگهي ٿي، وزيراعظم جي اعلان تي اليڪشن ڪميشن پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو به اختيار رکي ٿي. اليڪشن ڪميشن ٻڌڻي کانپوءِ نيئر حسين بخاري جي درخواست ٻڌڻي جوڳي نه هجڻ جو قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.
189