152

پاڻي بابت پاڪ_ڀارت ڳالهيون ٻيهر بحال، 23 مارچ تي نئين دهليءَ ۾ وفد آمهون سامهون ٿيندا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ_ڀارت بيڪ ڊور رابطن رنگ لاتو، پاڻي بابت پاڪ_ڀارت ڳالهيون ٻيهر بحال ٿي ويون آهن، 23 مارچ تي نئين دهليءَ ۾ وفد آمهون سامهون ٿيندا. پاڪ_ڀارت ذريعن سفارتي ذريعن مطابق پاڪستان ۽ ڀارت جون پاڻي بابت ڳالهيون ٻيهر بحال ٿي ويون آهن ۽ 23 مارچ تي پاڪ_ڀارت وفد ڳالهين جي ميز تي آمهون سامهون هوندا، ڪامياب سفارتي اڳڀرائي کانپوءِ پاڪستان پاڪ_ڀارت انڊس واٽر ڪمشنر جو نئين دهلي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٻن ڏينهن وارو اجلاس 23 ۽ 24 مارچ تي نئين دهلي ۾ ٿيندو. ذريعن مطابق انڊس واٽر ڪمشنر سيد محمد مهر علي شاهه ۽ پرڏيهي آفيس جو ترجمان زاهد حفيظ چوڌري پاڪستان جي نمائندگي ڪندا، پاڪ_ڀارت انڊس واٽر ڪمشنرن جو اهو اجلاس 116هون هوندو، جيڪو ٻن سالن کانپوءِ ٿي رهيو آهي، گذريل اجلاس 2 سال پهرين لاهور ۾ ٿيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو