لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي ناراض اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي ميمبر ميان جليل احمد شرقپوري آصف علي زرداري، نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان کي سياست ڇڏڻ جو مشورو ڏنو آهي. جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ميان جليل احمد شرقپوري جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم اتحاد ذاتي مفادن تي ٻڌل آهي، نواز شريف، آصف زرداري ۽ فضل الرحمان سياسي ٿڪاوٽ جو شڪار آهن، ان ڪري ٽئي سياست مان رٽائرڊ ٿي الله الله ڪن.
210