ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سکر پوليس سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگرد عرفان جتوئي کي جڙتو مقابلي ۾ مارڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سکر پوليس جي مبينا مقابلي ۾ ماريل شاگرد عرفان جتوئي جي گمشدگي بابت اپيل تي ٻڌڻي ٿي. نوجوان عرفان جتوئي جي زال طرفان قتل کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي وئي هئي. ٻڌڻي دوران سنڌ پوليس پاران عرفان جتوئي کي ڄامشورو مان کنڀي سکر ۾ مقابلي ۾ مارڻ جو اعتراف ڪيو ويو. اهڙي رپورٽ ايس ايڇ او شاهه لطيف ٽائون محمد علي شاهه عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عرفان جتوئي خلاف مختلف ٿاڻن تي 28 ڪيس داخل ٿيل آهن، عرفان جتوئي ڄامشورو مان گم هو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته پوليس مقابلو ڪٿي ٿيو؟ جنهن تي پوليس چيو ته عرفان جتوئي سان پوليس مقابلو جهانگڙو ٿاڻي جي حد ۾ ٿيو هو، جنهن تي معزز عدالت چيو ته جعلي مقابلي ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪا جاچ ٿي رهي آهي؟ ان تي درخواستگذار چيو ته جعلي مقابلي ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪابه جاچ نه ٿي رهي آهي، عرفان جتوئي ضمانت تي هو پر ان باوجود کيس حراست ۾ وٺي قتل ڪيو ويو. درخواستگذار جي وڪيل دستاويز به عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيا. عدالت پوليس کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 7 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
170