150

پيپلز پارٽي صادق سنجراڻي کي سينيٽ چيئرمين نٿي مڃي: قمر زمان ڪائره

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي پنجاب اڳواڻ قمر زمان ڪائره جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي صادق سنجراڻي کي سينيٽ چيئرمين تسليم نٿي ڪري. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قمر زمان ڪائره جو چوڻ هو ته ننڍي چونڊ، سينيٽ ۽ سينيٽ چيئرمين جي چونڊ حڪومت جي حقيقت ظاهر ڪئي آهي، يوسف رضا گيلاني کي 49 ووٽ مليا، اها ڌانڌلي نه پر ڌاڙو آهي، ڪوڙا خواب ڏيکاريندڙ ۽ انقلاب آڻيندڙ وائکا ٿي ويا. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي هنن پاڻ ٺاهيو هو، ڇا اليڪشن ڪميشن عمران خان جي مرضي مطابق فيصلا ڪري ها؟ اوهان اليڪشن ڪميشن کان استعيفيٰ گهرو ٿا، هاڻي عمران خان جي استعيفيٰ جو وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته اسان عدالتن سان رابطو ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، پيپلز پارٽي ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو مارچ ڪرڻ وڃي پئي، ڪورونا تيزي سان پکڙجي رهي آهي ۽ اسان لاءِ زندگيون اهم آهن پر ملڪ ان کان وڌيڪ اهم آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو