ليکڪ: عبدالستار کوکر
خيرپور جي ننڍي ڳوٺ پنواڙي ۾ محنت ڪش هاري حاجي ممتاز حسين ڪٽوهر جي گهر ۾ 28 سيپٽمبر 1973ع ۾ جنم وٺندڙ انور پرديسي جي ڇٺيءَ جو نالو ته داد محمد آهي، انور سندس وڏي ڀاءُ جو نالو هو، جيڪو ننڍپڻ ۾ ئي کانئن وڇڙي ويو ۽ پرديسي سندس محبوب طرفان مليل لقب آهي، هو ادبي حلقي ۾ انور پرديسي جي نالي سان مشهور آهي، انور پرديسي شروعاتي تعليم ڳوٺ جاڳڻ خان ڪٽوهر ۾ حاصل ڪئي، اٺين درجي جو امتحان مڊل اسڪول ڀرڳڙي مان 1987ع ۾ پاس ڪرڻ بعد ميٽرڪ گورنمينٽ ڪمپريهينسو هاءِ اسڪول خيرپور مان 1989ع ۾ پاس ڪئي، جنهن بعد هن سپريئر سائنس ڪاليج مان 1991ع ۾ ٻارهين درجي جو امتحان پاس ڪيو، گهر جي معاشي حالتن کي نظر ۾ رکندي هو اڳتي واري تعليم ترڪ ڪري پاڪستان آرمي ۾ سپاهي جي حيثيت سان شامل ٿيو ۽ 4 سال نوڪري ڪرڻ بعد کيس اعليٰ تعليم جو شوق جاڳيو، جنهن ڪري هو نوڪري ڇڏي واپس ڳوٺ آيو ۽ والد سان ٻني ٻاري جي ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ سان گڏ مزدوري ڪرڻ لڳو ۽ 1998ع ۾ بي اي جو امتحان ڊگري ڪاليج خيرپور مان پاس ڪرڻ بعد سول اسپتال خيرپور ۾ ٽيڪنيشن جي نوڪري شروع ڪيائين ۽ گڏوگڏ تعليم پڻ حاصل ڪندو رهيو، ٻارنهن سال هن ٽيڪنيشن طور ڊيوٽي ڪئي ۽ بعد ۾ لطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي شعبي مان 2003ع ۾ پوسٽ گريجوئيشن جي ٻي پوزيشن ۾ ڊگري ماڻيائين، 2006ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس جو امتحان پاس ڪري ليڪچرر مقرر ٿيو، سندس پهرين پوسٽنگ گورنمينٽ آرٽس اينڊ سائنس ڪاليج ڪراچي ۾ ٿي، جتي 2 سال پڙهائڻ بعد 2007ع ۾ گورنمينٽ سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور ۾ سندس بدلي ٿي، جتي هو پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو ۽ اهڙي طرح سنڌ حڪومت طرفان 18 هين گريڊ ۾ ترقي ٿيڻ تي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪوٽڏيجي ايٽ سرائي پيارو خان ۾ 6 جنوري 2021ع تي اسسٽنٽ پروفيسر طور ٿيو، جتي هن تعليمي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.انور پرديسي نوڪري ملڻ کانپوءِ به پنهنجو تعليمي سفر جاري رکيو آهي ۽ 2016ع ۾ لطيف يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر ادل سومرو جي نگراني ۾ ايم فل جي ڊگري ڪئي، سندس تحقيقي مقالي جو عنوان (حضرت سچل سرمست جي سنڌي شاعري ۾ علامت نگاري جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو) آهي. هن 2021ع ۾ ساڳئي يونيورسٽي مان پروفيسر مهر خادم جي نگراني ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري پڻ مڪمل ڪئي آهي، سندس پي ايڇ ڊي ڊگري جو عنوان تنوير عباسي جي شاعري ۾ موجود فڪري لاڙن جو تنقيدي اڀياس آهي. انور پرديسي نه رڳو علم ۽ سماجي محنت جي ڪمن ۾ اڳڀرو رهيو پر هو نهايت ئي برجستو ليکڪ ۽ شاعر پڻ آهي ۽ هو سنڌي ادبي سنگت سميت ڪيترين ئي تنظيمن سان لاڳاپيل رهيو آهي ۽ هن وقت تائين هن سوين مضمون ۽ تحقيقي مقالا پڻ لکيا آهن، ڪتابن تي تبصرا سماجي موضوعن تي سندس لاتعداد مضمون ڇپجي چڪا آهن ۽ هن وقت تائين هن 2 ڪتاب پڻ مرتب ڪيا آهن، 2012ع ۾ سندس شاعري جو پهريون مجموعو دل جي آڳر تي پنواڙي پبليڪيشن طرفان ڇپيو، 2019ع ۾ نامياري سياستدان رسول بخش پليجي جي فڪر تي ڪتاب ”جوڳي کنيو جس“ ڇپيو، جنهن کي انجمن ترقي پسند منصفين سنڌ پاران ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ ايوارڊ سان نوازيو ويو، انور پرديسي شاگردي واري دور ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن رهيو ۽ ڌرتي واسين جي آجپي لاءِ سکر کان ڪراچي تائين نڪتل لانگ مارچ ۾ حصو ورتائين. انور پرديسي جو تعلق سنڌي بلوچ گهراڻي يعني ڪٽوهر قبيلي سان آهي، سندس وڏڙا بلوچستان مان سنڌ ۾ آباد ٿيا، جن کي هتي صديون گذري ويون آهن ۽ بلوچ روايتن تحت سندس شادي به اٺين درجي ۾ ڪرائي وئي هئي، الله پاڪ مٿس راضي ٿيو ۽ کيس هڪ پٽ ۽ 3 نياڻيون عطا ڪيون، ارڙي جي بيماري سبب سندس هڪڙي نياڻي رخسانا فوت ٿي، سندس موڀي پٽ نثار احمد ڪٽوهر به سنڌ گورنمينٽ جي ڪاليج کاتي ۾ ڪيمسٽري جو ليڪچرار آهي، هن روايتن کان هٽي پنهنجي نياڻين کي پڻ تعليم ڏياري ۽ سندس ٻئي نياڻيون لطيف يونيورسٽي مان پوسٽ گريجوئيٽ آهن، انور پرديسي سنڌي ادب جي مختلف موضوعن طبع آزمائي ڪئي آهي، جنهن ۾ شاعري، ڪهاڻي، مضمون نگاري ۽ تحقيقي مقالا شامل آهن، خدا سندس قلم کي اڃا وڌيڪ سگهه ڏئي ۽ اهو ڌرتي ۽ ڌرتي واسين لاءِ لکندو رهي.