146

سياسي پارٽين ۾ نظرياتي ڪلاسن جي کوٽ وارو سوال…؟؟

ليکڪ: حبيب بليدي

سڄي دنيا جدت مان فائدا حاصل ڪري سماج ۾ انساني معاشرن کي بهتر کان بهتر هلائي ترقي يافتا ملڪن جي صفن ۾ بيهارڻ جي لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي، بظاهر منهنجو ملڪ پاڪستان به اهڙيون ڪوششون وٺندي نظر ايندو آهي پر بدقسمتي سان اهو رڳو ڪاغذي ڪارروائي جي حد تائين ثابتي ڏيڻ کانسواءِ ڪي گهربل نتيجا حاصل نه ڪرڻ وارن ملڪن ۾ پهرئين نمبر تي هوندو آهي. موجوده حالتن ۾ سڄي دنيا جي اندر پراڻي سياسي نظام۾  معاشري جي بهتري لاءِ گهرجون پوريون نه ڪرڻ سبب سياست ۾ ري انجنيئرنگ وارو فارمولو متعارف ڪرائي ماڻهن جي گهرجن تحت بروقت عمل ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي ڪيترائي ملڪ ڪافي حد تائين ڪاميابي حاصل ڪرڻ واري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن. سياست جي ميدان ۾ ري انجنيئرنگ جي نالي تي پاڪستان ۾ به ڪوششون وٺي سالن کان منظم سياسي تنظيمن جي جڙيل ڍانچن کي بهتر سياست متعارف ڪرائڻ جو نالو ڏئي ٽوڙ ڦوڙ ڪري نون نالن ۽ نون نعرن سان متعارف ڪرائي اهو چورايو ويو ته پراڻو سياسي ڍانچو فرسوده آهي هي نظام توهان جون زندگيون تبديل ڪري ڇڏيندو،پر بدقسمتي سان اهڙيون ڳالهيون سياست ۾ بظاهر ته نواڻ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هجن ٿيون، پر عملي طور تي نيڪ نيتي نه هجڻ ۽ مخالفن جي چچلڻ سبب اهي نتيجا نه ڏئي سگهيون آهن، جڏهن ته ساڳيو ئي فارمولو دنيا جي مهذب معاشرن ۾ بهتر ثابت ٿيو آهي، پاڪستان جي سياست خاص ڪري سنڌ ۾ ان طرز سياست سماج تي ڏاڍا خطرناڪ اثر ڇڏيا آهن، جنهن جي ڪري گذريل ڏهاڪي کان عام ماڻهو کي سياست جهڙي انتهائي بهتر ۽ خدمت واري پيشي کان نفرت پيدا ٿي وئي آهي. اهڙي  سياست  1980 ع جي ڏهاڪي واري نظرياتي سياسي ڪارڪنن جي ارادن کي به ڪمزور ڪري جذباتي وهڪري ۾ لوڙهي ڇڏيو آهي. اهي حرفتون عام ماڻهن کي سياست کان پري رکڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به فائدو نه ڏئي سگهيون آهن. سياسي پارٽين ۾ ري انجنيئرنگ جي شروعات سڀ کان پهرين سنڌ جي قومپرست ڌرين ۾ متعارف ڪرائي وئي ۽ انهن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ کانپوءِ اقتداري ڌرين جي سياسي تنظيمن جهڙوڪ ايم ڪيو ايم، نواز ليگ، پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ فنڪشنل مسلم ليگ سميت ٻين پارٽين جي اندر غير معمولي اختلاف پيدا ڪرائي انهن جي عوامي سائيز کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ انهن ئي پارٽين مان ڪجهه ماڻهو ڪڍي هڪ ٻئي مٿان الزامن جي برسات وسرائي وئي، اڳواڻن جون ڪيل ڳالهيون ٻڌڻ سان ڪارڪن توڙي عام عوام جي اندر شخصي بنياد تي مخالف پيدا ڪرڻ جھڙي فارمولي نه ته ٻاهر نڪرندڙن کي فائدو پهچائڻ لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيو ۽ نه ئي وري پنهنجي صفائي ۾ بيان ڏيندڙ اڳواڻن کي ڪو فائدو حاصل ٿي سگهيو. اهڙي  حڪمت عملي متعارف ڪرائي منظم تنظيمن اندر گروهه ٺاهيا ويا، ۽ انهن گروهن جي شخصي مفادن واري جنگ ۾ سماج اندر اجتماعي طور تي عوامي ڀلائي لاءِ تنظيمن جو وجود هاڻي هڪ خواب ئي بڻجي ويو آهي، جنهن جي ڪري اڄ پاڪستان جي سياست ۾ نظرياتي ڪارڪن ۽ ڪچهريون اڻلڀ ٿي ويون آهن، ماضي جي سياست توڙي جو اڙانگي ۽ مهانگي هوندي هئي ته ان وقت به هڪ ٻئي جا نظرياتي مخالف ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنھنجن نظرين ۽ سرواڻن کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ مختلف سياسي آکيرن تي تعميراتي بحث مباحثا ڪندا هئا جيڪي تاريخ جي ورقن ۾ اڪريل آهن، سالن کانپوءِ جڏهن هڪ ٻئي سان ملندا هئا ته ڪچهري جي شروعات هن جملي سان ٿيندي هئي ته ڪامريڊ ڏي خبر اڄڪلهه ڪهڙو ڪتاب ٿو پڙهين، انهن ڪتابن کي پڙهي تجربي جي بنياد تي سماج جي بهتري لاءِ نوان لاڙا متعارف ڪرائڻ جون ڪوششون وٺندا هئا، موجوده دور ۾ ماضي اندر ٿيندڙ ڪجهه بحث نثري نظمن جي شڪل ۾ ڪتابن جي روپ ۾ موجود آهن. اڄ جي سياسي ڪارڪن ۾ جيڪا نظرياتي کوٽ آهي ان جو بنيادي ڪارڻ اهو آهي ته هڪڙي عرصي کان سياسي پارٽين اندر ذهني طور نظرياتي ڪارڪن پيدا ڪرڻ وارو عمل مڪمل طور تي ختم ٿي چڪو آهي، ان جو سبب ري انجنيئرنگ فارمولو لاڳو ٿيڻ آهي، ان ۾ رڳو انفرادي فائدا حاصل ڪرڻ جي جنگ شروع ڪرائي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اسان جي ملڪ خاص طور تي سنڌ مان انساني حقن جي حاصلات ۽ خدمت ۽ قومي گهرجن واري سياست جو جذبو ختم ڪري هڪ سرڪاري نوڪري جي حاصل ڪرڻ وارن سياسي ڪارڪنن جو هڪڙو جٿو تيار ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪري دنيا ۾ متعارف ڪرايل ري انجنيئرنگ سياست جا اسان جي ملڪ خاص ڪري سنڌ جي سماج کي ڪي خاص نتيجا ته نه ملي سگهيا آهن پر ابتو اسان جو سياسي نظام بحران جو شڪار ٿي ويو آهي، جنهن جا مستقبل ۾ اڃا وڌيڪ خراب اثر ظاهر ٿي سگهن ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو