ليکڪ: دانش نبي بخش شر
اسلام جي تاريخ جو جيڪڏهن مطالعو ڪري ڏسبو ته جتي مردن جي ڪارنامن جا تذڪرا نظر ايندا اتي عورتن جي ڪردار جو ذڪر به ضرور ملندو. تاريخ شاهد آهي ته جهڙي طرح مسلمان مردن پنهنجي دينداري، سچائي، پرهيزگاري ۽ شجاعت سان پنهنجو ۽ مسلمان معاشري جو نالو روشن ڪيو آهي بلڪل اهڙي ئي طرح عالم اسلام جي نامور عورتن به علم، حلم، شجاعت، دينداري ۽ خدا تي توڪل جي اعتبار کان پاڻ ملهائي ڏيکاريو آهي. اهڙين نيڪنام عورتن مان حضرت رسول خدا صه جي نياڻي حضرت فاطمه زهرا س جو نالو سرفهرست آهي. سندس پرهيزگاري، تقويٰ، عبادت ۽ صبر جي ڪري ئي پاڻ ڪريمن صه کيس ”سيدة نساءِ العالمين“ جو لقب ڏنو. ان کانپوءِ سندس ئي نياڻي حضرت بي بي زينب س جو نالو نمايان آهي، حضرت رسول خدا صه ۽ حضرت علي المرتضيٰ ۽ بي بي فاطمه س جي خاندان جي هن معظمه خاتون جو نالو، ڪوفي جي عورتن کي قرآن شريف جي تعليم ۽ تفسير جي سکيا ڏيڻ ۽ ڪربلا جي معرڪي ۾ امام حسين عه جي مدد، ان جي يتيمن، اسيرن جي سرپرستي ۽ ڪربلا جي پيغام کي عوام الناس تائين پهچائڻ جي ڪري عالم اسلام جي نامور عورتن جي لسٽ ۾ سڀ کان پهريان ڳڻجڻ لڳو، جيئن ته اهل بيت جي پاڪ گهراڻي جي هيءَ نياڻي هر اعتبار کان پنهنجي امڙ بي بي فاطمة زهرا س سان مشابهت رکندڙ هئي، انڪري اڄ به اسلامي تاريخ ۾ ”ثاني زهرا“ جي لقب سان ڄاتي وڃي ٿي، ولادت، نبوت، امامت ۽ ولايت جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هن شيردل نياڻيءَ جو جنم پهرين شعبان المعظم، 6 هجري تي مدينه منوره ۾ ٿيو. حضرت اميرالمؤمنين علي عه ۽ سائنڻ فاطمه زهرا س جي اولاد مان هن نياڻي جو نمبر ٽيون هو. تاريخ ۾ آهي ته جڏهن هن نياڻي جي ولادت ٿي ان وقت حضرت رسول خدا صه ڪنهن سفر تي ويل هئا. انڪري بي بي فاطمة زهرا س حضرت امير المؤمنين علي عه جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته هن ٻارڙيءَ جو نالو رکو. تنهن تي پاڻ فرمايائون ته مان اهو ڪم رسول خدا صه جن کان اڳي نه ڪندس، پاڻ صه جڏهن سفر تان واپس آيا ته کين علي عه ۽ فاطمه سلام الله عليهما جي گهر نياڻيءَ جي جنم جي خبر ٻڌائي وئي ۽ نالي رکڻ جو به عرض ڪيو ويو ته پاڻ فرمايائون ته فاطمه جا ٻچا منهنجا ٻچا آهن، ان جي نالي جو فيصلو پاڻ پروردگار فرمائيندو. ٿوري دير بعد حضرت جبريل امين عه نازل ٿيو ۽ آنحضرت صه جي حضور عرض ڪرڻ لڳو ته الله تبارڪ و تعاليٰ توهان تي سلام ۽ درود ٿو موڪلي ۽ حڪم ٿو فرمائي ته ان ٻارڙيءَ جو نالو”زينب“ رکو، انڪري جو مان لوح محفوظ ۾ ان جو اهو ئي نالو قلمبند ڪري ڇڏيو آهي، ان حڪم ملڻ بعد پاڻ ڪريمن صه ننڍڙيءَ کي پنهنجي هنج ۾ کڻي، چميون ڏئي ارشاد فرمايو ته آئون توهان کي وصيت ٿو ڪريان ته هن نياڻيءَ جو احترام ڪجو، انڪري جو هيءَ پنهنجي نانيءَ خديجة الڪبريٰ جهڙي آهي. پاڻ ڪريمن صه جي ان جملي جو مطلب اهو ئي آهي ته جهڙي طرح اسلام جي ترقي ۽ حضرت رسول خدا صه جي مقصد جي تڪميل جي لاءِ بي بي خديجة الڪبريٰ جون ڪوششون نمايان ۽ ڦلدار رهيون، اهڙي طرح هن جو صبر، استقامت ۽ قرباني اسلام جي تجديد حيات لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪندي، اسلام جي هيءَ نيڪنام بي بي جڏهن پنجٽيهن سالن جي ٿي ته سندس والد علي عه بن ابي طالب عه جن ڪوفي جي مسجد ۾ هڪ بدبخت انسان جي هٿان تلوار جي ضرب سان زخمي ٿي ٽن ڏينهن کان پوءِ شهادت جو جام نوش ڪيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن معظمه پنهنجي بابا جي خدمت مان بهترين علمي فائدو حاصل ڪيو هوندو. نه رڳو ايترو پر ڪيترين ئي شيرين ۽ تلخ حادثن جو به مشاهدو ڪيو هوندو. ظاهر آهي ته انهن سمورن مشاهدن سائنڻ زينب س جي شخصي تربيت ۽ صلاحيتن جي نکار ۾ باقائده ڪردار ادا ڪيو هوندو. اهو ئي سبب هو جو پاڻ نهايت ئي عظيم عبادت گذار هئي. اهو ئي سبب هو جو ڪربلا جي ميدان ۾ سندس ڀاءُ حضرت امام حسين عه آخري ملاقات وقت کيس چيو هو ته اي ڀيڻ مونکي تهجد نماز ۾ دعا ضرور ڪجان. ان مان صاف ظاهر آهي ته خدا جي فرض نمازن جي ادائگي کانسواءِ پاڻ تهجد جون به پابند هيون. هڪ عالمه، عابده، زاهده هجڻ کانسواءِ دلير ۽ جرئتمند به هيون. ڪربلا جو سمورو داستان هن جي دليرپ ۽ شجاعت جو جيئرو جاڳندو مثال آهي. 10محرم الحرام جي شام جو جڏهن سڀ مجاهد مرد شهيد ٿي ويا ۽ اهل بيت عه جا خيما ساڙيا ويا ته اهڙي ڀيانڪ وقت ۾ زينب عاليه س ئي ته هئي جنهن مڙني يتيمن، بيواهن ۽ مريضن جي سار سنڀال جو بار پنهنجي ذمي کنيو. حضرت امام زين العابدين عه کي باھه جي شعلن مان بچائڻ واري به پاڻ ئي هئي. اهڙي طرح اسيرن جي قافلي جي ڪربلا کان ڪوفي ۽ ڪوفي کان شام تائين سرواڻ به پاڻ هئي. جيتوڻيڪ وقت جي حڪومت ۽ ان جي ڪارندن حضرت رسول خدا صه جي ڏوهٽي حضرت امام حسين عه کي هڪ باغي طور متعارف ڪرائڻ ٿي چاهيو پر ان جو مقابلو به سائنڻ زينب بنت علي عه ئي ڪندي رهي ۽ هر موڙ تي حضرت سيدالشهداءَ عه جي مظلوميت ۽ حقانيت کي پنهنجي دليراڻن خطبن ۽ تقريرن ذريعي ثابت ڪندي رهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪربلا جي حادثي کانپوءِ جيڪڏهن سائنڻ زينب س جي جاکوڙ ۽ مجاهدي نه هجي ها ته ڪربلا ۽ ڪربلا وارن جو پيغام ۽ امام حسين عه جي تحريڪ ۽ قيام جو مقصد تڪميل تائين نه پهچي ها. بلاشڪ، حضرت رسول خدا صه جي گهراڻي جي ان تربيت يافته بي بي جي سموري زندگي دنيا ۾ رهندڙ هر عورت خاص طور تي مسلم عورتن لاءِ عمل جو هڪ ڪامل نمونو آهي. ان روءِ سان گهٽ ۾ گهٽ هر مسلمان عورت جو فرض ٿو بڻجي ته پنهنجي اٿڻي ويهڻيءَ کي، ان جليل القدر بي بيءَ جي عملي زندگيءَ مان ڪي اقتباس وٺي، خوبصورت ۽ لاڀائتو بڻائين.