ايڊيٽوريل
سنڌ حڪومت ڪورونا جي حوالي سان احتياطي تدبيرن طور نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن، ان حوالي سان صوبائي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق پابنديون 15 مارچ کان 15 اپريل تائين لاڳو هونديون، نوٽيفڪيشن مطابق سڄي صوبي ۾ سمورا ڪاروباري مرڪز رات جو 10 وڳي بند ڪرڻا پوندا، پر ميڊيڪل اسٽور، ڪلينڪون، اسپتالون، پيٽرول پمپ، بيڪريون، کير جا دڪان ۽ هوٽلون کليل رهنديون، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري ۽ نجي آفيسن ۾ 50 سيڪڙو اسٽاف کي گهرايو ويندو ۽ گهر مان ڪم تي عمل ڪيو ويندو، اهو به چيو ويو آهي ته تفريحي پارڪ شام جو 6 وڳي بند ڪيا ويندا، جيتوڻيڪ هوٽلون کليل رهنديون پر انهن جي اندر ماني کائڻ جي اجازت نه هوندي، هوم ڊليوري ۽ کاڌو گهر وٺي وڃڻ جي سهولت هوندي، نوٽيفڪيشن مطابق شادي هال رات جو 10 وڳي بند ڪيا ويندا ۽ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪندي کليل جاين تي 300 کان وڌيڪ مهمان گهرائي سگهبا، جڏهن ته شادي هالن ۾ بوفي کاڌو کائڻ جي اجازت نه هوندي، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا ڪيسز وڌڻ جي صورت ۾ ڊي سيز ڪنهن به مخصوص علائقي ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳائي سگهن ٿا، واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي ٽئين لهر کانپوءِ مختلف شهرن ۾ لاڪ ڊائون ڪري تعليمي ادارا به ٻن هفتن لاءِ بند ڪيا ويا آهن.
اسان سنڌ حڪومت پاران کنيل قدمن جي نه صرف آجيان ڪريون ٿا پر ان جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، اسان سمجهون ٿا ته ملڪ اندر ڪورونا جي ٽئين لهر جي تيزي سان وڌندڙ ڪيسن کانپوءِ ان قسم جي قدمن جي سخت ضرورت هئي، ڇو ته هڪ بيماري جنهن جو علاج ئي احتياط هجي ته اهو ضرور ٿيڻ گهرجي، سڄي دنيا ۾ ٻن سالن کان تباهي مچائيندڙ هي مرض اڃا تائين ختم ٿيڻ جو نالو نٿو وٺي ۽ شايد هي دنيا ۾ ڊگهي مدي تائين هلندڙ مرض آهي، جديد طبي سائنس جي معراج تي پهتل دنيا جيتوڻيڪ ٻن سالن اندر هن مرض جو علاج ته ڳولي لڌو آهي پر اڃا تائين اهو دنيا جي هر ماڻهوءَ تائين پهچي ناهي سگهيو ۽ خاص ڪري ٽئين دنيا عرف طبقن ۾ ورهايل اميرن جي ڀيٽ ۾ غريب ملڪن تائين ته انتهائي گهٽ تعداد ۾ ويڪسين پهتيون آهن، جنهن سبب اڃا تائين خدا جي خلق پريشان آهي، اسان سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت جنهن قسم جي پابندين جو اعلان ڪيو آهي، اهي ٽئين درجي جون پاليسيون آهن، جنهن سان نه روزگار متاثر ٿيندو ۽ نه ئي ڪو مزدور پريشان ٿيندو، پر صرف هڪ صورت ئي ان کي ڪامياب ڪري سگهي ٿي ۽ اها آهي مڪمل احتياط، اوهان ڪاروبار ڪري رهيا هجو، مزدوري ڪري رهيا هجو يا ڪٿي ٻاهر ئي هجي، جيڪڏهن ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪيو ويو ته اسان ان ٽئين مرحلي مان آساني سان گذري وينداسين، هتي ڳالهه صرف سمجهه ۽ سوچ جي آهي، اسان دنيا جي هڪ خطرناڪ ترين دشمن سان وڙهي رهيا آهيون ۽ جيڪڏهن ان لاءِ حڪمت عملي اختيار نٿا ڪريون ته ويڙهه اسان کي فتح بدران صرف نقصان ئي ڏئي سگهي ٿي، هتي هڪ قوم وانگر سوچڻو پوندو، وڙهڻو پوندو، عمل ڪرڻو پوندو ۽ اڳتي وڌڻو پوندو، ٻي صورت ۾ نه صرف اسان جا اڳتي وڌندڙ قدم پوئتي هٽي ويندا پر اسان خساري ۾ هليا وينداسين ۽ هڪ اهڙو خسارو جنهن ۾ پيارن جون حياتيون ۽ معيشت به داءَ تي لڳي ويندي، ان ڪري اچو ته سنڌ حڪومت جي ان بهتر قدم ۾ ان جو هٿ ونڊايون ۽ هڪ ذميوار فرد جي حيثيت ۾ سماج کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجو پنهنجو فرض ايمانداري سان ادا ڪيون جيڪڏهن اسان ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب وياسين ته بهتر سماج جي اڏاوت اڻٽر آهي.