259

آصف زرداري، نواز شريف ۽ فضل الرحمان جو فون تي رابطو، پي ڊي ايم کي متحرڪ رکڻ، استعيفائن سميت سمورن معاملن تي هڪٻئي جو موقف کليل دل سان ٻڌڻ تي زور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي ٽن وڏن آصف علي زرداري، نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان جو فون تي رابطو ٿيو آهي، جنهن دوران اڳواڻن پي ڊي ايم کي متحرڪ رکڻ تي زور ڏنو. ذريعن مطابق پي ڊي ايم جي اجلاس کان پهرين آصف علي زرداري، نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ فون تي رابطو ٿيو آهي، جنهن دوران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پي ڊي ايم اجلاس نتيجا ڏيندڙ بڻائڻ لاءِ ڌرين کي لچڪ ڏيکارڻ تي زور ڀريو. ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته اختلافي معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ بهترين فورم پي ڊي ايم آهي ۽ اسان تي وڏي ذميواري آهي، اسان عوام کي مايوس ڪرڻ نٿا چاهيون. ذريعن مطابق نواز شريف پي ڊي ايم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ اتفاق راءِ سان فيصلا ڪرڻ جي راءِ ڏني، جڏهن ته آصف زرداري استعيفائن سميت سمورن معاملن تي هڪٻئي جو موقف کليل دل سان ٻڌڻ تي زور ڏنو. ذريعن مطابق آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته حڪمرانن جي بيوقوفي سبب ملڪي سياست کي وڏو نقصان پهتو، پي ڊي ايم اتحاد حڪمرانن جي هٿڪنڊن جو گڏجي مقابلو ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو