317

ڪنوار حق مهر ۾ پنهنجي گهوٽ کان هڪ لک رپين جا ڪتاب گهري ورتا

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي هڪ نياڻي علم سان چاهه جو هڪ عظيم مثال قائم ڪيو آهي ۽ پنهنجي جيون ساٿي کان حق مهر ۾ هڪ لک رپين جي ڪتابن جي تحفي جي گهر ڪئي آهي. عام طور تي ڪنوار حق مهر ۾ زيور يا ٻين قيمتي تحفن جي گهر ڪندي آهي پر هڪ ڪنوار  حق مهر ۾ پنهنجي گهوٽ کان هڪ لک رپين جا ڪتاب گهري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. هڪ نجي ٽي وي چئنل جي رپورٽ مطابق تازو ئي سوشل ميڊيا تي خيبرپختونخوا جي شهر مردان جي نائلا شمائل نالي ڪنوار جي هڪ وڊيو سامهون آئي آهي جنهن  ۾ هوءَ  ٻڌائي رهي آهي ته هن حق مهر ۾ پنهنجي ور کا ن هڪ لک رپين جا ڪتاب گهريا آهن. سوشل ميڊيا تي هڪ صارف مونا فاروق احمد ڪنوار نائلا جي وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هوءَ چوي ٿي ته مون پنهجي حق مهر ۾  هڪ لک جا ڪتاب گهريا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو