اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيستائين ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو نٿو ٿئي تيستائين ٽيڪس چوري روڪي نٿي سگهجي، شوگر انڊسٽري، سيمنٽ انڊسٽري، فرٽيلائيزر انڊسٽري ۽ سگريٽ انڊسٽري ۾ وڏي پئماني تي ٽيڪس چوري ٿيندي آهي، 40 سيڪڙو سگريٽ بليڪ تي وڪرو ڪيا ويندا آهن، اڻ سڌي ٽيڪسن جو بار عوام کي کڻڻو پوندو آهي، ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو منع نامو ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ملڪ جي چونڊ نظام کي شفاف بڻائڻ لاءِ اڻٽر ٿي چڪي آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي معاملي تي اڳڀرائي کان ڪابينا جي هر اجلاس ۾ آگاهه ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ايف بي آر وڏي پيماني تي ٽيڪس چوري روڪڻ جي لاءِ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ڇو ته شوگر انڊسٽري، سيمينٽ انڊسٽري، فرٽيلائيزر انڊسٽري ۽ سگريٽ انڊسٽري ۾ وڏي پئماني تي ٽيڪس چوري ٿيندي آهي، 40 سيڪڙو سگريٽ بليڪ ۾ وڪرو ڪيا ويندا آهن، انهن تي ٽيڪس ناهي ڏنو ويندو. ان سان ملڪ کي اربين روپين جو نقصان ٿيندو آهي. گذريل 15 سالن کان ايف بي آر ڪوشش ڪري رهي آهي ته ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم متعارف ڪيو وڃي ۽ ٽيڪس جي نظام کي خودڪار بڻايو وڃي پر هر ڀيري ان کي ڪوشش کي سبوتاز ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته ايف بي آر اسان کي يقين ڏياري هئي ته پهرين جون کان ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم متعارف ڪرايو ويندو. هاڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ان حوالي سان منع نامو جاري ڇڏيو آهي، ڪابينا جي ميمبرن کي ان ڳالهه جو اندازو هجڻ گهرجي ته خودڪار نظام نه هجڻ جي ڪري ملڪ مان ڪهڙي نوعيت جي ٽيڪس چوري ٿي رهي آهي ۽ ملڪ ۾ آٽوميشن هجڻ نه پئي ڏني وڃي، ايف بي آر ضرف شوگر انڊسٽري تي گذريل 5 سالن ۾ 400 ارب روپين جو ٽيڪس لڳايو، جيڪڏهن ٽريڪ ۽ ٽريس سسٽم هجي ها ته ايتري ٽيڪس چوري ٿئي ئي نه ها، سگريٽ انڊسٽري ۾ 98 سيڪڙو صرف 2 ڪمپنيون ڏينديون آهن، باقي 40 سيڪڙو وڪرو ٿيندڙ سگريٽن تي ٽيڪس ئي ناهي ڏنو ويندو. جيستائين ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو نٿو ٿئي تيستائين ٽيڪس چوري نٿي روڪي سگهجي، هن چيو ته طاقتور شعبن جي ٽيڪس چوري نه روڪڻ جي ڪري اڻ سڌا ٽيڪس لاڳو ڪرڻا پوندا آهن جنهن سان مهانگائي ٿيندي آهي ۽ شين جون قيمتون وڌنديون آهن. هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ مان منع نامو ختم ڪرائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ عدالت کي ٻڌايو وڃي ته اهو ڪنهن جو ذاتي معاملو نه آهي. ملڪ کي اربين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي ۽ عوام کي مهانگائي جي ذريعي ان جو پئسو ڏيڻو پوندو آهي، هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين متعارف ڪرائڻ جي معاملي تي ڪابينا جي هر اجلاس ۾ اڳڀرائي کان آگاهه ڪرڻ گهرجي. اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ملڪ جي چونڊ نظام کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ اڻٽر ٿي چڪي آهي. سڀ گوڙ ڪندا آهن ته اليڪشن ٺيڪ ناهي ٿي، اليڪشن کي شفاف بڻائڻ لاءِ اليڪٽرانڪ مشين متعارف ڪرائي وڃي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي حوالي سان ڪابينا جي هر اجلاس ۾ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو وڃي. ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هو ڪورونا ويڪسين جي فراهمي جي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي مطالبي جي حمايت ڪري ٿو. ويڪسين تي پوري دنيا جو حق آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي ويڪسين جي شفاف فراهمي جي مطالبي جي حمايت ڪريون ٿا. هن چيو ته عالمي عوامي پروڊڪٽ هجڻ جي ناطي ڪورونا ويڪسين تي سموري دنيا جو پورو حق آهي ۽ ان جي جلد کان جلد سستي ۽ برابر پهچ کي يقيني بڻائڻو پوندو.
165