222

بنگلاديش سان واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر عارف علوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بنگلاديش سان واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته گڏيل مفادن جي لاءِ واپاري لاڳاپا، ڪاروباري تعاون ۽ عوامي رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بنگلاديش ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عمران احمد صديقي سان ملاقات دوران ڪيو. صدر چيو ته بنگلاديش سان واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان بنگلاديش سان لاڳاپن جو گهڻو قدر ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان پرڏيهي سيڪريٽري جي سطح تي سياسي مشاورت ۽ گڏيل اقتصادي ڪميشن سان تعاون کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. پاڪستاني هاءِ ڪمشنر بنگلاديش سان ٻطرفا لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. هن چيو ته گڏيل مفادن لاءِ واپاري لاڳاپا، ڪاروباري تعاون ۽ عوامي رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي. ٻطرفي ثقافتي ۽ سياسي مٽاسٽا سان راندين جي ميدان ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو