پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه حڪومت پشاور، چارسده، مردان، صوابي، نوشهره، ڪوهاٽ، مالاڪنڊ، سوات ۽ لوئر دير ۾ اسڪول بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان جي صدارت هيٺ ڪورونا بابت صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبي ۾ ڪورونا جي مجموعي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ صوبي جي 9 ضلعي جا اسڪول بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جن ۾ پشاور، چارسده، مردان، صوابي، نوشهره، ڪوهاٽ، مالاڪنڊ، سوات ۽ لوئر دير ضلعا شامل آهن. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان جو چوڻ هو ته صوبائي حڪومت ڪورونا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ ضروري قدم کڻي رهي آهي، ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو.
201