174

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪتن جي ڏاڙهڻ وارن واقعن تي 5 ايم پي ايز کي معطل ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

سکر(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ڇتن ڪُتن جي چڪڻ جا واقعا وڌڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پنجن ايم پي ايز کي معطل ڪرڻ جي وارننگ ڏني آهي ۽ چيو آهي ته ڇا ايم پي ايز جو هي ڪم آهي ته هو عوام کان ووٽ وٺي ڪراچي ۾ ويهي رهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي 2 رڪني بينچ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڇتن ڪُتن جي چڪڻ جي واقعن جي باري ۾ ڪيس جي ٻُڌڻي ڪئي. مختلف ضلعن جي پوليس آفيسرن طرفان ايف آءِ آر پڻ داخل ڪرائي وئي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل شفيع چانڊيو عدالت کي ٻُڌايو ته هڪ لک 10 هزار ڪُتا ماريا آهن، عدالت رپورٽ رد ڪري ڇڏي ۽ چيو ته اسان ان رپورٽ کي نٿا مڃون. جسٽس آفتاب گورڙ رمارڪس ڏنا ته غريب ماڻهن جي ٻارڙن کي ڪتا ڏاڙهي رهيا آهن. ايم پي ايز ۽ آفيسرن کي احساس ناهي، ڪتن جي ڏاڙهڻ جا واقعا وڌي ويا آهن، ايم پي ايز جي ذميداري آهي ته هو ماڻهن جي حفاظت ڪن. ايڊووڪيٽ شفيع محمد چانڊيو مؤقف اختيار ڪيو ته ايم پي ايز جو ڪتا مارڻ ناهي پر قانونسازي ڪرڻ آهي، جنهن تي جسٽس آفتاب گورڙ رمارڪس ڏنا ته ٻُڌايو ته گذريل 15 سالن ۾ ڪهڙي ڪهڙي قانونسازي ڪئي وئي آهي، ڇا ڪتا مارڻ به عدالت جي ذميداري آهي، ڇا ايم پي ايز جو اهو ڪم آهي ته هو عوام کان ووٽ وٺي ڪراچيءَ ۾ ويهي رهن. سکر، لاڙڪاڻو، خيرپور، ڄامشورو، رتوديري جي ايم پي ايز کي معطل ڪنداسين، ايم پي اي جي ذميداري آهي ته هو ماڻهن جي حفاظت ڪن، جن علائقن ۾ ڪتن جي ڏاڙهڻ جا واقعا وڌي ويندا ته ان علائقي جي ايم پي ايز کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي سگهون ٿا. جسٽس آفتاب گورڙ چيو آهي ته جنهن غريب جي ٻار کي پائڻ لاءِ چڊي به نٿي ملي ان کي ڪتا ڏاڙهي رهيا آهن. هڪ ٻارڙي کي ڪتي ڏاڙهيو جنهن سبب سندس اک ضايع ٿي وئي، ڇا ان جي اک واپس اچي سگهي ٿي؟ اهڙن واقعن کي روڪڻ جي ذميداري ڪنهن جي آهي، عدالت ٻُڌڻي 31 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو